اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هيپاٽائيٽس ڊيلٽا جي خلاف عالمي تعاون ۽ مقامي تياري کي هٿي وٺرائڻ جو جائزو ورتو ويو. صحت واري وزارت ۽ ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي پاڪستان (ڊريپ) جي سهڪار سان هيپاٽائيٽس ڊيلٽا خلاف عالمي تعاون ۽ مقامي تياري کي هٿي وٺرائڻ بابت ان اجلاس ۾ صحت واري وفاقي وزير چيو …
صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هيپاٽائيٽس ڊيلٽا جي خلاف عالمي تعاون ۽ مقامي تياري کي هٿي وٺرائڻ جو جائزو ورتو ويو. صحت واري وزارت ۽ ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي پاڪستان (ڊريپ) جي سهڪار سان هيپاٽائيٽس ڊيلٽا خلاف عالمي تعاون ۽ مقامي تياري کي هٿي وٺرائڻ بابت ان اجلاس ۾ صحت واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس ڊيلٽا (ايڇ ڊي وي) سنگين طبي مسئلو بڻجندو پيو وڃي، هي جگر کي متاثر ڪندڙ هڪ منفرد ۽ خطرناڪ وائرس آهي جيڪو صرف ان صورت ۾ بيماري پيدا ڪري ٿو جڏهن مريض هيپاٽائيٽس بي وائرس (ايڇ بي وي) کان به متاثر هجي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس بي جي مريضن جي وڏي انگ سبب هيپاٽائيٽس ڊيلٽا عوامي صحت جو اهم مسئلو بڻجي چڪو آهي جنهن کي موثر حڪمت عملي، وقت سر سڃاڻپ ۽ جامع علاج ذريعي منهن ڏيڻ ضروري آهي. اجلاس ۾ چين جي مشهور دوا ساز ڪمپني هُواهوئي هليٿ جي نمائندن به شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۾ تيزي سان پکڙجندڙ هيپاٽائيٽس ڊيلٽا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ موجوده صورتحال، چئلينجز ۽ امڪاني قدمن جو جائزو ورتو. چيني ڪمپني جي نمائندن جديد تحقيق تي ٻڌل هيپاٽائيٽس ڊيلٽا ٿراپي ايڇ ايڇ -003 جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، جيڪا تازو ئي فيز ٽو جي ڪامياب عالمي ڪلينيڪل ٽرائلز مڪمل ڪري چڪي، ان دوا کي چين ۾ محفوظ ۽ موثر هجڻ جي بنياد تي منظوري به حاصل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته آمريڪن فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن (ايف ڊي اي) ان علاج کي بريڪ ٿرو ٿراپي جو درجو ڏنو آهي. صحت واري وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان حڪومت، هوُ اهوئي هيلٿ ۽ ملڪ جي مشهور مقامي دوا ساز ڪمپنين وچ ۾ حصيداري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عملي قدم کڻندي. ان حصيداري تحت جديد حياتياتي دوائن جي مقامي تياري ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي هٿي ڏني ويندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس ڊيلٽا سنگين طبي مسئلو بڻجندو پيو وڃي، هي جگر کي متاثر ڪندڙ هڪ منفرد ۽ خطرناڪ وائرس آهي جيڪو رڳو ان صورت ۾ بيماري پيدا ڪري ٿو جڏهن مريض هيپاٽائيٽس بي وائرس کان به متاثر هجي. هن چيو ته هڪ اندازي موجب سڄي ملڪ ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو هيپاٽائيٽس ڊيلٽا سبب متاثر ٿي سگهن ٿا جڏهن ته وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج نه ٿيڻ جي صورت ۾ اهو مرض جگر جي ڪينسر جو سبب به بڻجي سگهي ٿو. انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس بي جا اٽڪل 20 سيڪڙو مريض هيپاٽائيٽس ڊيلٽا کان به متاثر ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته معمول جي سڃاڻپ ۽ جاچ جي کوٽ سبب وڏي انگ ۾ مريض وقت سر سڃاڻپ کان محروم آهن. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان حڪومت ان دوا جي سستي، معياري ۽ پائيدار فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. پاڪستاني عوام کي محفوظ، معياري ۽ زندگي بچائيندڙ جديد دوائن تائين وقت سر پهچ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن واضح ڪيو ته ڊريپ هڪ شفاف، سائنسي ۽ عالمي معيار موجب منظوري جي عمل کي يقيني بڻائيندي. اجلاس ۾ ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۾ فيز ٿري ڪينيڪل ٽرائلز جي ريگوليٽري عمل کي تيز ڪيو ويندو ته جيئن سخت نگراني ۽ عالمي معيار موجب هي جديد علاج جلد کان جلد مستحق مريضن تائين پهچائي سگهجي.











