اسلام آباد - 29 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم سميت اهم ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ٻين معاملن سان …
صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم سميت اهم ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ٻين معاملن سان گڏوگڏ ٻطرفي لاڳاپن ۽ اقتصادي حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفاع، سيڪيورٽي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. صدر پنهنجي دوري دوران ڊي پي ورلڊ جي گروپ چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سليم ۽ اي ڊي پورٽس گروپ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪيپٽن محمد جمعه الشامسي سان پڻ ملاقات ڪئي. صدر گڏيل عرب امارات جي ڀائيچاري ۽ گڏيل بقاءَ واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان سان پڻ ملاقات ڪئي.











