اسلام آباد - 29 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان جو غزه بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو نيڪ نيتي تحت ڪيو ويو آهي ته جيئن جنگبندي کي مستحڪم ڪري سگهجي، غزه جي نئين سر تعمير ۾ معاونت ڪري سگهجي ۽ فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل کي اڳتي وڌائي سگهجي. هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان صحافين جي پاڪستان …
پاڪستان جو غزه بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو نيڪ نيتي تحت ڪيو ويو آهي: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان جو غزه بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو نيڪ نيتي تحت ڪيو ويو آهي ته جيئن جنگبندي کي مستحڪم ڪري سگهجي، غزه جي نئين سر تعمير ۾ معاونت ڪري سگهجي ۽ فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل کي اڳتي وڌائي سگهجي. هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان صحافين جي پاڪستان جي بورڊ آف پيس ۾ شموليت بابت مختلف سوالن جا جواب ڏنا. طاهر حسين اندرابي چيو ته ان قد کي 8 عرب ۽ اسلامي ملڪن جي گڏيل ڪوششن جي طور تي ڏسڻ گهرجي جن ۾ پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا ۽ قطر شامل آهن. هن چيو ته ان جو مقصد گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2803 جي مينڊيٽ تحت غزه ۾ امن جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪرڻ آهي. هن زور ڏنو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن ٻيا عالمي طريقيڪار غزه ۾ جاري مصيبتن ۽ تباهي کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، بورڊ آف پيس اميد جو هڪ ڪرڻو فراهم ڪري ٿو. ترجمان ان قياس آرائين کي قطعي طور تي رد ڪري ڇڏيو جن ۾ پاڪستان جي بورڊ آف پيس ۾ شموليت کي ابراهيم معاهدن سان ڳنڍيو پيو وڃي يا ان کي فلسطين بابت پاڪستان جي اصولي موقف ۾ ڪنهن به قسم جي نرمي سان تعبير ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. ترجمان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي لاءِ پاڪستان جي پراڻي ۽ اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن واضح ڪيو ته بورڊ آف پيس گڏيل قومن جو متبادل نه آهي پر گڏيل قومن جي نظام جي تڪميل ۽ ان جي مدد جي لاءِ جوڙيو ويو آهي. طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستان جو بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ حصيدارن سان مشاورت کانپوءِ ۽ وفاقي حڪومت جي رولز آف بزنس موجب ڪيو ويو آهي. هن اهو به واضح ڪيو ته بورڊ جي ميمبرشپ جو مطلب ڪنهن عالمي استحڪامي فورس جي لاءِ فوجي دستا فراهم ڪرڻ جو ڪو عزم نه آهي. بريفنگ جي شروع ۾ ترجمان پاڪستان جي تازي سفارتي سرگرمين جو پڻ جائزو پيش ڪيو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي 20 کان 22 جنوري تائين سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ منعقد ٿيندڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 56هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت شامل آهي. هن چيو ته وزيراعظم هڪ اعليٰ سطح جي وفد جي قيادت ڪئي ۽ عالمي اڳواڻن سان غيررسمي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ٻين عرب ۽ اسلامي ملڪن سان گڏجي ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي بورڊ آف پيس ۾ شموليت بابت هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو جنهن ۾ غزه امن منصوبي جي حمايت جي لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو. ترجمان صدر آصف علي زرداري جي گڏيل عرب امارات جي سرڪاري دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته دوري دوران هن يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سرگرمين جو ذڪر ڪندي ترجمان چيو ته هن ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي ڪيترن ئي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ يورپي يونين، ايران، سعودي عرب، ترڪيه، مصر، انڊونيشيا، قطر ۽ بنگلاديش جي هم منصبن سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن جو محور علائقائي امن، استحڪام ۽ اقتصادي تعاون رهيو. آمريڪا جي سفري ايڊوائيزري بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته اها ڪنهن درجي ۾ گهٽتائي نه آهي پر رڳو هڪ اپ ڊيٽ آهي ۽ پاڪستان عالمي سياحت جي لاءِ کليل، محفوظ ۽ پرامن ملڪ آهي. علائقائي ڇڪتاڻ خاص طور تي ايران بابت صورتحال تي ڳالهائيندي هن پاڪستان جي مستقل پاليسي کي ورجايو ته پاڪستان امن ۽ سفارتڪاري جو حامي آهي، پاڪستان طاقت جي استعمال ۽ پابندين جي مخالفت ڪري ٿو. ترجمان چيو ته خطو وڌيڪ تڪرارن ۽ عدم استحڪام کي براشت نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي حصيدارن سان گڏجي امن، انساني همدرديءَ ۽ پائيدار ترقي جي فروغ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو جڏهن ته هو پنهنجي قومي مفادن ۽ اصولي پرڏيهي پاليسي موقف جو ڀرپور تحفظ پڻ يقيني بڻائيندو.











