انرجي سيڪيورٽي کانسواءِ معاشي ترقي ممڪن ناهي، پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن: علي پرويز ملڪ

اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ سهڪار اڻٽر آهي، پاڪستان جي مختلف سيڪٽرز ۾ پاڪ - چين سهڪار جا منصوبا جاري آهن، کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ ترقيءَ جون نيون راهون هموار ٿي رهيون آهن، پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ تمام وڏا موقعا موجود آهن، سمورن معاهدن جي حفاظت ڪئي …

اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ سهڪار اڻٽر آهي، پاڪستان جي مختلف سيڪٽرز ۾ پاڪ – چين سهڪار جا منصوبا جاري آهن، کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ ترقيءَ جون نيون راهون هموار ٿي رهيون آهن، پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ تمام وڏا موقعا موجود آهن، سمورن معاهدن جي حفاظت ڪئي ويندي، حڪومت ملڪ ۾ معاشي استحڪام لاءِ اهم قدم کنيا آهن، حڪومت آئل اينڊ گيس سيڪٽر جي استحڪام لاءِ قدم کڻي رهي آهي، انرجي سيڪيورٽي به معاشي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سالياني ٽيڪنيڪل ڪانفرنس 2026ع جي پڄاڻيءَ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته توانائيءَ جو تحفظ پاڪستان جي معاشي استحڪام، صنعتي ترقي ۽ قومي استقامت لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو، حڪومت گذريل سال دوران ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن، ڏُکيائين ۽ چئلينجز صرف حڪومت ئي برداشت نه ڪيا، عوام به گذريل سالن ۾ آيل معاشي بحران جو ڀرپور مقابلو ڪيو، اها حقيقت تسليم ڪرڻ ضروري آهي ته معاشي استحڪام اسان جي معيشت جو مضبوط حصو بڻجي چڪو آهي، مهانگائيءَ جي دٻاءُ تي ضابطو آندو ويو آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا جيڪي ماضيءَ ۾ ڪمزور سمجهيا ويندا هئا هاڻ مستحڪم ٿي چڪا آهن. ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسيون پاڪستان جي ترقيءَ جي امڪانن کي هاڪاري انداز ۾ ڏسي رهيون آهن. هن چيو ته جيستائين توانائي جي شعبي جو تعلق آهي، اڄ پاڪستان هڪ نهايت اهم موڙ تي بيٺل آهي، نئين ٽيڪنالاجي سان فني تبديليون اچي رهيون آهن، چئلينجز جي نوعيت ۽ شدت بدلجي چڪي آهي، وڌندڙ طلب، عالمي مارڪيٽ جي غير يقيني صورتحال ۽ ٻيا عمل اسان کي هڪ واضح، فيصلو ڪندڙ، سيڙپڪار دوست ۽ مستقبل تي نظر رکڻ وارين پاليسين کي اختيار ڪرڻ جي گُهر ڪري ٿي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت جي ايجنڊا موجب جيڪڏهن ملڪ کي پائيدار ترقيءَ تي آڻڻو آهي ته تيل ۽ گيس جي شعبي جي پائيداري ان ايجنڊا جو مرڪزي جُز آهي ۽ اسان کي اجتماعي طور تي ان شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. هن حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو ته تيل ۽ گيس جي شعبي لاءِ هڪ پائيدار، شفاف، چٽاڀيٽي ۽ گڏيل سهڪار تي ٻَڌل ماحول فراهم ڪيو وڃي، قوم جي حيثيت سان اسان کي ترقيءَ جي ڊگهي مُدي ۽ مربوط رٿابندي طرف وڌڻو پوندو. هن چيو ته توانائيءَ جي شعبي جي مختلف ذيلي شعبن کي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهڻو پوندو، هڪٻئي جي مينڊيٽ ۽ گڏيل ڀاڙڻ جو احترام ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هڪ جامع ڊگهي مُدي واري توانائي جي نقطه نظر کانسواءِ گهربل هدفن کي حاصل ڪرڻ مشڪل هوندو. ٻيو بنيادي اصول ان شعبي جي پائيداري آهي، جيڪڏهن سيڙپڪارن جو هي اعتماد نه هوندو ته انهن جون ادائيگيون وقت سر ٿينديون ۽ هي شعبو پائيدار آهي ته ان ۾ وڏي سيڙپڪاري نه ڪندا. ٽيون اهم عنصر پاليسي سازي، ضابطا جاتي استحڪام آهي ته سمورا معاهدا محفوظ رهندا ۽ حڪومت ان جي تقدس جي حفاظت ڪندي. هن چيو ته پيٽروليم ڊويزن جي حيثيت سان اسان اوهان جي معاهدن، اوهان جي حقن ۽ انهن سمورن حفاظتي قدمن جي تحفظ لاءِ اوهان جي وڪيل طور تي ڪم ڪنداسين جيڪي معاهدن جي مدت تائين ڪيا ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته انهن ڪجهه بنيادي اصولن تي اسان کي اتفاق ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ لاءِ هڪ وڏو پائيدار ۽ قاعدن تي ٻَڌل توانائيءَ جو شعبو جوڙي سگهجي. هن چيو ته وفاقي وزير جي حيثيت ۾ جڏهن مون کي اها ذميواري سونپي وئي ته مان اوهان سان گڏجي انهن چئلينجز کي عارضي قدمن بدران مستقل ۽ پائيدار بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو رهندس.

مزید خبریں