اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان ۽ الوفا فائونڊيشن پاڪستان جي چيئرمين چوڌري ڪاشف نواز رنڌاوا پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- سعودي واپاري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ، نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت، هنرمندي ۽ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي تفصيلي خيالن …
پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن: رانا مشهود احمد

مزید خبریں
اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان ۽ الوفا فائونڊيشن پاڪستان جي چيئرمين چوڌري ڪاشف نواز رنڌاوا پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- سعودي واپاري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ، نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت، هنرمندي ۽ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هتي جاري ڪيل پريس رليز موجب رانا مشهود احمد خان چيو ته نوجوان نسل اُمت جو قيمتي سرمايو آهي ۽ ان جي ڪردار سازي، معياري تعليم، تربيت ۽ هنرمندي ذريعي باوقار روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي الوفا فائونڊيشن جي چيئرمين چيو ته الوفا فائونڊيشن نوجوانن جي تعليم، تربيت ۽ هنرمندي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي ۽ پاڪستان حڪومت سان گڏجي اهڙن منصوبن کي اڳتي وڌايو ويندو جيڪي نوجوانن کي بااختيار بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين. سعودي عرب جي سفير پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پُراڻن ڀائراڻن ناتن کي ساراهيندي نوجوانن لاءِ تعليم، هنرمندي ۽ روزگار جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ چيو ته سعودي عرب نوجوانن لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار جاري رکندو.











