اُڏام پاڪستان جي قدمن تحت 2035ع تائين پاڪستان کي هڪ ٽريلين ڊالر جي معيشت بنائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي: احسن اقبال

اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ سالياني منصوبي 26-2025ع جي وچ مُدي واري جو جائزي وارو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن جي سيڪريٽرين، سينيئر سرڪاري آفيسرن، پلاننگ ڪميشن جي ميمبرن ۽ صوبائي حڪومتن جي نمائندن سميت لاڳاپيل ڌُرين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته اڄ …

اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ سالياني منصوبي 26-2025ع جي وچ مُدي واري جو جائزي وارو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن جي سيڪريٽرين، سينيئر سرڪاري آفيسرن، پلاننگ ڪميشن جي ميمبرن ۽ صوبائي حڪومتن جي نمائندن سميت لاڳاپيل ڌُرين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته اڄ منصوبا بندي، نگراني ۽ عملدرآمد جي نظام کي مضبوط بنائڻ لاءِ هڪ نئين روايت جي شروعات ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هر سال بجيٽ جي موقعي تي ساليانو ترقياتي منصوبو جوڙيو ويندو آهي، جنهن ذريعي قومي معاشي هدفن جو تعين ۽ وزارتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو آهي. ماضيءَ ۾ هي عمل سالياني بنيادن تي ٿيندو رهيو آهي جڏهن ته ان کي وڌيڪ اثرائتو ۽ نتيجن تي ٻَڌل بنائڻ لاءِ هاڻ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سالياني ترقياتي منصوبي جو ٽه ماهي بنيادن تي جائزو ورتو ويندو ته جيئن قومي هدف وقت سر حاصل ڪري سگهجن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گورننس صرف هدفن کي حاصل ڪرڻ تائين محدود ناهي، پر اداري جاتي صلاحيت سازي جو نالو آهي ته جيئن نه صرف موجوده هدف حاصل ڪري سگهجن پر مستقبل لاءِ بهتر هدف به طئي ڪري سگهجن. هن چيو ته ساليانو ترقياتي منصوبو ملڪي معيشت لاءِ رهنما فريم ورڪ جي حيثيت رکي ٿو ۽ 5 سالن جي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جو واضح رستو فراهم ڪري ٿو. حڪومت جي ڊگهي مُدي جي ويزن تي روشني وجهندي هن چيو ته اُڏام پاڪستان جي قدمن تحت 2035ع تائين پاڪستان کي هڪ ٽريلين ڊالر جي معيشت بنائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته 18هين آئيني ترميم کانپوءِ اڪثر سماجي معاشي شعبا صوبائي دائري اختيار ۾ اچي چڪا آهن، تنهنڪري قومي معاشي هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ويجهي هم آهنگي اڻٽر آهي. هن زراعت، خدمتن، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ خاص ڪري سماجي شعبي کي معيشت جي بهتري جا اهم محرڪ قرار ڏيندي چيو ته انهن شعبن ۾ پيداواريت ۾ بهتريءَ کان سواءِ پائيدار معاشي ترقي ممڪن ناهي. هن ٻُڌايو ته ايندڙ ڏينهن ۾ تفصيلي اجلاسن جو جائزي وارو سلسلو شروع ڪيو ويندو، جنهن ۾ معاشي اهڃاڻن جو گهرائيءَ سان تجزيو ڪيو ويندو. وزارتون نه صرف پنهنجي مقرر هدفن جي مقابلي ۾ اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪنديون پر عملدرآمد ۾ درپيش رڪاوٽن ۽ خامين جي ازالي لاءِ سڌارن واريون تجويزون به پيش ڪنديون. ان ٽه ماهي جائزي وارن اجلاس سان ڪارڪردگي، احتساب ۽ پهچ واري نظام ۾ نمايان بهتري ايندي. اجلاس دوران چيف اڪنامسٽ ڊاڪٽر امتياز احمد سالياني منصوبي 26-2025ع جي پهرين اڌ سال دوران معاشي ۽ ترقياتي اڳڀرائي ۽ درپيش چئلينجز تي بريفنگ ڏني.

مزید خبریں