وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻُڌڻي، دليل مڪمل، ٻُڌڻي 27 جنوريءَ تائين ملتوي

اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻُڌڻي چيف جسٽس جسٽس امين الدين خان جي سربراهي 3 رڪني بينچ ڪئي. ڪيس جي ٻُڌڻيءَ دوران ايف بي آر جي وڪيل عاصمه حامد مختلف هاءِ ڪورٽس ۾ سپر ٽيڪس بابت داخل ڪرالي 150 رٽ پٽيشنز جي فهرست عدالت ۾ پيش ڪئي. عاصمه حامد مؤقف اختيار ڪيو  ته جڏهن هڪ هاءِ ڪورٽ ڪنهن قانون جي …

اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻُڌڻي چيف جسٽس جسٽس امين الدين خان جي سربراهي 3 رڪني بينچ ڪئي. ڪيس جي ٻُڌڻيءَ دوران ايف بي آر جي وڪيل عاصمه حامد مختلف هاءِ ڪورٽس ۾ سپر ٽيڪس بابت داخل ڪرالي 150 رٽ پٽيشنز جي فهرست عدالت ۾ پيش ڪئي. عاصمه حامد مؤقف اختيار ڪيو  ته جڏهن هڪ هاءِ ڪورٽ ڪنهن قانون جي شق کي درست قرار ڏئي ته ان قانون کي ٻي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي. ايف بي آر جي وڪيل چيو ته هاڻ به فوجي فرٽيلائيزرز طرفان رٽ پٽيشنز داخل ڪئي پئي وڃي. هن مؤقف اختيار ڪيو ته درخواستگذارن طرفان قانوني گُهرجون پوريون نه ڪرڻ جو اعتراض بي بنياد آهي ڇاڪاڻ ته قانوني گُهرجون عدالتي ڪارروائيءَ دوران پوريون هونديون آهن، قانونسازيءَ جي عمل ۾ نه. عاصمه حامد وڌيڪ چيو ته قانونسازيءَ جي مرحلي تي ٽيڪس کان اڳ ٽيڪس پيئرز کي ٻُڌڻ آئيني طور تي ضروري ناهي. درخواستگذارن طرفان آمريڪي سپريم ڪورٽ جي فيصلن جو حوالو ڏنو ويو، جڏهن ته هر ملڪ جو پنهنجو آئين ۽ قانوني نظام آهي. هن ٻُڌايو ته سپريم ڪورٽ اڳ ئي ماضيءَ کان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ کي درست قرار ڏئي چڪي آهي. ايف بي آر جي وڪيل موجب هن وقت 29 سيڪڙو نارمل انڪم ٽيڪس لاڳو آهي جڏهن ته سپر ٽيڪس 10 سيڪڙو واڌو چارج طور قانون جو حصو آهي ۽ ادائگي جوڳو آهي. ان موقعي تي جسٽس حسن اظهر رضوي سوال ڪيو ته شيئرز تي ڪم ڪرڻ، بئنڪن کان قرض وٺڻ ۽ وياج جي ادائگي جهڙن خرچن کي ڪيئن ڏٺو ويندو. ايف بي آر جي وڪيل جواب ڏنو ته ان حوالي سان انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي اٺين شيڊول ۾ واضح شقون موجود آهن، جن کي ڪنهن به چئلينج نه ڪيو. وقفي کان پوءِ روينيو ڊويزن جي وڪيل حافظ احسان کوکر دليل ڏيندي چيو ته سپر ٽيڪس پارليامينٽ جي خصوصي ٽيڪس اختيار تحت مڪمل طور آئيني آهي. هن چيو ته سيڪشن 4 سي انڪم ٽيڪس جو حصو آهي ۽ ڪا ڌار يا تڪراري ٽيڪس ناهي. حافظ احسان کوکر موجب هڪ ئي آمدنيءَ تي اضافي مالياتي ليوي آئيني طور جائز آهي ۽ سپر ٽيڪس ڊبل ٽيڪسيشن ناهي پر هڪ اضافي چارجنگ جو جواز آهي. هن چيو ته ڪمشنر اِن لينڊ روينيو جا قدم وفاق جا تصور هوندا ۽ ڊويزن ۽ ايف بي آر کي ٽيڪس بابت ڪيس وڙهڻ جو مڪمل اختيار حاصل آهي، ان لاءِ قانون واري وزارت يا اٽارني جنرل سان مشاورت به لازمي ناهي. جسٽس حسن اظهر رضوي پُڇاڻو ڪيو ته فنانس بل پيش ٿيڻ کانپوءِ ڇا پارليامينٽ ۾ ان تي بحث ٿيو ۽ ڇا مخالف ڌُر طرفان ڪي اعتراض اُٿاريا ويا؟ ان تي وڪيل ٻُڌايو ته پارليامينٽ جي گڏيل ڪميٽي جي اجلاس ۾ فنانس بل تي تفصيلي بحث ڪيو ويو هو. روينيو ڊويزن جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻُڌڻي اڄ (اڱارو) 27 جنوريءَ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت کي ٻُڌايو ويو ته مختلف ڪمپنين جو وڪيل مخدوم علي خان ايندڙ ٻُڌڻيءَ تي جواب جا جوابي دليل ڏيندو.

مزید خبریں