پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ورلڊ ڪسٽمز آرگنائزيشن جي انتظام هيٺ ڪسٽمز جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ورلڊ ڪسٽمز آرگنائزيشن(ڊبليو سي او) جي انتظام هيٺ ڪسٽمز جو عالمي ڏهاڙو سومر ڏينهن تي ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد عالمي سطح تي ڪاروباري آسانين، ڪاروبار ۾ شفافيت ۽ ڪراس بارڊر واپاري سهولتن کي هٿي وٺرائڻ آهي. عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۽ ٻين ادارن جي انتظام هيٺ سڄي …

اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ورلڊ ڪسٽمز آرگنائزيشن(ڊبليو سي او) جي انتظام هيٺ ڪسٽمز جو عالمي ڏهاڙو سومر ڏينهن تي ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد عالمي سطح تي ڪاروباري آسانين، ڪاروبار ۾ شفافيت ۽ ڪراس بارڊر واپاري سهولتن کي هٿي وٺرائڻ آهي. عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۽ ٻين ادارن جي انتظام هيٺ سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون، آگاهي واڪس، ورڪشاپس ۽ سيمينارز منعقد ڪيا ويا، جڏهن ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا سميت سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي خصوصي پروگرامز نشر ۽ خصوصي فيچرز به شايع ڪيا ويا.

مزید خبریں