جيم اسٽون انڊسٽري ۾ ويليو ايڊيشن سان برآمدات ۾ اضافو يقيني بڻائي سگهجي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ جيم اسٽونز جي ذخيرن جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ قيمتي پٿرن جي برآمدات سان قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جيم اسٽون انڊسٽري ۾ ويليو ايڊيشن سان برآمدات ۾ اضافو يقيني بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي …

اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ جيم اسٽونز جي ذخيرن جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ قيمتي پٿرن جي برآمدات سان قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جيم اسٽون انڊسٽري ۾ ويليو ايڊيشن سان برآمدات ۾ اضافو يقيني بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قيمتي پٿرن ۽ معدنيات جي فروغ جي حوالي سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ جيم اسٽونز جي ذخيرن جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن انهن قيمتي پٿرن جي برآمدات سان قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي. هن اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽  ڪشمير جي تجويز ڪيل جيم اسٽون سينٽرز جي تعمير جي لاءِ عالمي شهرت رکندڙ لاڳاپيل ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ ۽ اسلام آباد جيم اسٽون سينٽر کي آگسٽ 2027ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايتڪ ئي. وزيراعظم عالمي ماهرن جي مدد سان پاليسي فريم ورڪ تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جيم اسٽون انڊسٽري ۾ ويليو ايڊيشن سان برآمدات ۾ اضافو يقيني بڻايو وڃي. هن تجويز ڪيل جيم اسٽون سينٽرز ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزار هڻڻ ۽ جيم اسٽون انڊسٽري جي فروغ جي حوالي سان سمورن صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي جيم اسٽون انڊسٽري جي ترويج جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته نئين منظور ٿيل جيم اسٽون پاليسي تي ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي حوالي سان چار سيشنز منعقد ڪيا ويا، اسلام آباد ۾ جيم اسٽون سينٽر قائم ڪرڻ جي حوالي سان شاهراهه دستور تي جڳهه جو تعين ڪيو ويو آهي، اسلام آباد جيم اسٽون سينٽر ۾ عالمي معيار جي ويليو ايڊيشن سروسز، سرٽيفڪيشن، انڪيوبيشن سينٽر ۽ ٽريڊ سينٽر جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جون آفيسون پڻ موجود هونديون. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جيم اسٽون جي حوالي سان جيو فينسنگ سائنٽفڪ روڊ ميپ تي ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں