چين پاران پاڪستان لاءِ امدادي سامان جي چوٿين کيپ سامونڊي جهاز ذريعي ڪراچي پهچي وئي

اسلام آباد -26 جنوري (اي پي پي) چين پاران پاڪستان لاءِ امدادي سامان جي چوٿين کيپ سامونڊي جهاز ذريعي ڪراچي پهچي وئي آهي. اين ڊي ايم اي موجب تازي امدادي کيپ ۾ هڪ هزار سليپنگ بيگز، 14 هزار خيما ۽ 12 هزار ڪمبل شامل آهن، جن کي ٽرڪن ذريعي اين ڊي ايم اي جي ڪراچي ويئر هائوس منتقل ڪيو ويو آهي. اين ڊي ايم اي جي ميڊيا ونگ موجب ان …

اسلام آباد -26 جنوري (اي پي پي) چين پاران پاڪستان لاءِ امدادي سامان جي چوٿين کيپ سامونڊي جهاز ذريعي ڪراچي پهچي وئي آهي. اين ڊي ايم اي موجب تازي امدادي کيپ ۾ هڪ هزار سليپنگ بيگز، 14 هزار خيما ۽ 12 هزار ڪمبل شامل آهن، جن کي ٽرڪن ذريعي اين ڊي ايم اي جي ڪراچي ويئر هائوس منتقل ڪيو ويو آهي. اين ڊي ايم اي جي ميڊيا ونگ موجب ان کان اڳ 26 ڊسمبر 2025ع تي چين مان مليل ٽين امدادي کيپ ۾ 100 ٻيڙيون، 5 هزار خيما ۽ 8 هزار ڪمبل شامل هئا. 4 آڪٽوبر 2025ع تي ايندڙ ٻي کيپ ۾ 16 هزار ڪمبل، 700 خيما، هڪ هزار لائيف جيڪٽس ۽ 4 هزار سليپنگ بيگز فراهم ڪيا ويا هئا، جڏهن ته 28 سيپٽمبر 2025ع تي مليل پهرين امدادي کيپ ۾ 9 هزار ڪمبل ۽ 300 خيما شامل آهن. اين ڊي ايم اي موجب چين مان ملندڙ چئني امدادي کيپن ۾ مجموعي طور تي 45  هزار ڪمبل، 20 هزار خيما، 100 ٻيڙيون، هڪ هزار لائيف جيڪيٽس ۽ 5 هزار سليپنگ بيگز پاڪستان کي فراهم ڪيا ويا. اين ڊي ايم اي واضح ڪيو آهي ته هو پنهنجي سمورن وسيلن کي آفتن سبب متاثر ماڻهن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي ۽ متاثر علائقن ۾ ضرورت موجب امدادي سامان جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.

مزید خبریں