ملڪ جي بينڪن پاران گاڏين جي خريداري لاءِ فراھم ڪيل قرضن ۾ ڊسمبر دوران ساليانو بنياد تي 35.5 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد - 26 جنوري (اي پي پي) ملڪ جي بئنڪن جي گاڏين جي خريداري لاءِ فراھم ڪيل قرضن ۾ ڊسمبر دوران ساليانو بنيادن تي 35.5 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق ڊسمبر 2025ع ۾ گاڏين جي خريداري لاءِ بئنڪن طرفان فراھم ڪيل قرضن (آٽوفنانسنگ) جو ڳاڻيٽو 319 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو ڊسمبر 2024ع جي ڀيٽ ۾ 35.5 سيڪڙو وڌيڪ آھي، ڊسمبر 2024ع ۾ آٽوفنانسنگ …

اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) ملڪ جي بئنڪن جي گاڏين جي خريداري لاءِ فراھم ڪيل قرضن ۾ ڊسمبر دوران ساليانو بنيادن تي 35.5 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق ڊسمبر 2025ع ۾ گاڏين جي خريداري لاءِ بئنڪن طرفان فراھم ڪيل قرضن (آٽوفنانسنگ) جو ڳاڻيٽو 319 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو ڊسمبر 2024ع جي ڀيٽ ۾ 35.5 سيڪڙو وڌيڪ آھي، ڊسمبر 2024ع ۾ آٽوفنانسنگ جو ڳاڻيٽو 235 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو ھو. نومبر جي ڀيٽ ڊسمبر ۾ آٽوفنانسنگ ۾ ماھوار بنيادن تي 0.3 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. نومبر ۾ آٽوفنانسنگ جي مد ۾ 318 ارب روپين جا قرض جاري ڪيا ويا، جيڪي ڊسمبر 2025ع ۾ وڌي 319 ارب روپيا ٿي ويا. واضح رھي ته ڊسمبر ۾ بئنڪن طرفان خانگي شعبي کي فراھم ڪيل مجموعي قرضن جو ڳاڻيٽو 10 ھزار 671 ارب روپين تائين پھچي ويو آھي، جيڪو ڊسمبر 2024ع جي 10 ھزار 582 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 0.8 سيڪڙو وڌيڪ آھي.

مزید خبریں