گدلاڻ کان پاڪ توانائي طرف منتقلي معاشي ترقي، روزگار جي موقعن ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جو جامع ذريعو آهي: صدر  آصف علي زرداري

اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي، ته گدلاڻ کان پاڪ توانائي طرف منتقلي نه رڳو ماحولياتي ضرورت آهي پر معاشي ترقي، روزگار جا موقعن ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جو به هڪ جامع ذريعو آهي. پاڪستان حڪومت گدلاڻ کان پاڪ توانائي ڏانهن منتقلي کي موسمياتي ۽ ترقياتي ايجنڊا ۾ ترجيح ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب گدلاڻ …

اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي، ته گدلاڻ کان پاڪ توانائي طرف منتقلي نه رڳو ماحولياتي ضرورت آهي پر معاشي ترقي، روزگار جا موقعن ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جو به هڪ جامع ذريعو آهي. پاڪستان حڪومت گدلاڻ کان پاڪ توانائي ڏانهن منتقلي کي موسمياتي ۽ ترقياتي ايجنڊا ۾ ترجيح ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب گدلاڻ کان پاڪ توانائي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته گدلاڻ کان پاڪ توانائي جو عالمي ڏينهن اسان کي توانائي جي هن مرڪزي ڪردار جي ياد ڏياري ٿو، جيڪو جامع ترقي، پائيدار توانائي ۽ موسمياتي تبديلي جي عالمي محرڪ لاءِ تمام اهم آهي، پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن.انهي لاءِ پاڪستان حڪومت گدلاڻ کان پاڪ توانائي ڏانهن منتقلي کي موسمياتي ۽ ترقياتي ايجنڊا تي ترجيح ڏني آهي، صدر آصف علي زرداري چيو ته گڏيل قومن جي  موسمياتي تبديلي واري فريم ورڪ ڪنوينشن تحت جنهن عڪاسي 2025ع جي قومي سطح تي مقرر ڪيل حصيداري ۾ ٿيندي آهي.  پاڪستان 2030ع تائين 30 سيڪڙو اليڪٽرڪ گاڏين جو هدف مقرر ڪيو آهي. فضائي گدلاڻ اسان جي عوام لاءِ هڪ تلخ ۽ بار بار سامهون ايندڙ حقيقت بڻجي چڪي آهي. هر سال شديد سموگ ۽ ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ حادثن ۾ واڌ ٿئي ٿي، اڏامون متاثر ٿين ٿيون، ريلوي نظام متاثر ٿئي ٿو، موٽر ويز بند ڪيا وڃن ٿا، تعليمي ادارا بند ٿي وڃن ٿا، ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿين ٿيون ۽ اسپتالن ۾ ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا مريضن جو انگ وڌي وڃي ٿو، جيتوڻيڪ سرندي واري طبقي ۾ ايئر پيوريفائر عام ٿي چڪا آهن، پر ڪروڙين شهري اڃا به صحت کي نقصان ڏيندڙ فضائي حالتن سامهون بيوس آهن، جيڪي فضائي گدلاڻ جي گهري ۽ سماجي ۽ معاشي اثرن کي واضح ڪن ٿا. پاڪستان پنهنجي قومي سطح تي مقرر ڪيل حصيداري ۽ قومي موسمياتي تبديلي پاليسي ذريعي، معاشي ترقي ۽ سماجي ڀلائي کي تحفظ ڏيڻ لاءِ گهٽ ڪاربن تي ٻڌل تعمير ۽ ترقي اختيار ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. پاڪستان جي توانائي مڪس ۾ پهرين کان 35 سيڪڙو گدلاڻ کان پاڪ ۽ تجديد جوڳي توانائي شامل آهي. پائيدار ترقي جا هدف 7 ۽ 13 کي اڳيان وڌائڻ لاءِ اسان قومي توانائي جي موثر استعمال ۽ پائيدار وسيلن جي انتظام کي ترجيح ڏئي رهيا آهيون. هن منتقلي کي پاليسي سڌارن، توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ جدت، تجديد جوڳي توانائي جي استعمال ۽ ادارا جاتي هم آهنگي ذريعي مضبوط ڪيو پيو وڃي. گدلاڻ کان پاڪ توانائي  ڏانهن منتقلي نه رڳو ماحولياتي ضرورت آهي، پر معاشي ترقي، روزگار جي موقعن ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جو به هڪ جامع ذريعو آهي، سيڙپڪاري جي تحريڪ ۽ اداره جاتي صلاحيت کي مضبوط بڻائي پاڪستان جو مقصد توانائي جو هڪ اهڙو نظام تعمير ڪرڻ آهي جيڪو سڀني شهرين لاءِ قابل اعتماد، پهچ جوڳي ۽ پائيدار هجي. صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته اسان پنهنجي عزم جي تجديد ڪيون ته جيئن صرف موسمياتي تبديلي خلاف گهٽ ڪاربن ۽ توانائي جي حوالي سان محفوظ پاڪستان تعمير ڪيون. پر عالمي برداري جو هڪ ميمبر هئڻ ان ٽيڪنالاجيز ۾ سيڙپڪاري جي عالمي ڪوششن جو حصو بڻجون جيڪي ڌرتي جي حفاظت ڪن ۽ ان ٽيڪنالاجيز کان پاسو ڪيون جيڪو ان جي بقا لاءِ خطرو آهي.

مزید خبریں