اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد حسن مرتضيٰ سان سندس والد سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي لاڏاڻي تي تعزيت

چنيوٽ- 25 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد حسن مرتضيٰ جي والد سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ رجوعه سادات پهچي حسن مرتضيٰ سميت مرحوم جي ٻين گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مرحوم جي مغفرت ۽ سندن درجن جي بلندي لاءِ دعا …

چنيوٽ- 25 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد حسن مرتضيٰ جي والد سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ رجوعه سادات پهچي حسن مرتضيٰ سميت مرحوم جي ٻين گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مرحوم جي مغفرت ۽ سندن درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته والد جو لاڏاڻو خاندان لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي، والد جو لاڏاڻو هڪ اهڙو خال آهي جنهن کي ڪو ٻيو رشتو يا وسيلو ڀري نٿو سگهي. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندان جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيُون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.

مزید خبریں