نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد-25 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آچر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ واپار ۽ اقتصادي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي …

اسلام آباد-25 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آچر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ واپار ۽ اقتصادي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن موجوده علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل مفادن، علائقائي امن ۽ خوشحالي جي فروغ لاءِ مسلسل رابطي ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو.

مزید خبریں