مهاراجه رنجيت سنگهه جي دور جو ورثو مقامي ذهانت جي عڪاسي آهي: مرتضيٰ سولنگي

لاهور-24 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته مهاراجه رنجيت سنگهه جي دور جو ورثو مقامي ذهانت ۽ هنر جي عڪاسي ڪري ٿو، هن نمائش جو منعقد ٿيڻ ڊاڪٽر نادر ۽ ڊاڪٽر مرتضيٰ تاج جو وڏو ڪارنامو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور آرٽس ڪائونسل الحمرا ۾ نائين ٿنڪ ٽينڪس فيسٽ (افڪار تازه) ۾ منعقد نمائش کي خطاب ڪندي ڪيو. مرتضيٰ …

لاهور-24 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته مهاراجه رنجيت سنگهه جي دور جو ورثو مقامي ذهانت ۽ هنر جي عڪاسي ڪري ٿو، هن نمائش جو منعقد ٿيڻ ڊاڪٽر نادر ۽ ڊاڪٽر مرتضيٰ تاج جو وڏو ڪارنامو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور آرٽس ڪائونسل الحمرا ۾ نائين ٿنڪ ٽينڪس فيسٽ (افڪار تازه) ۾ منعقد نمائش کي خطاب ڪندي ڪيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نمائش ۾ موجود نوادرات مقامي هنر جو شاهڪار آهن، نوادرات لُٽ مار نه پر مقامي هنر جو زنده مثال آهن. هن چيو ته پنجاب جي ڪاريگرن جي مهارت تاريخي ورثو آهي، هٿيار، سڪا، زيور ۽ گاڏيون سڀ مقامي دستڪاري جو زنده مثال آهن. مرتضيٰ سولنگي چيو ته مون کي هتي پنجابي ۾ ڳالهائڻو هو، پر ڪجهه دوستن کي اردو ۽ پنجابي سمجهه ۾ ناهي ايندي. هن چيو ته مهاراجه رنجيت سنگهه جي نمائش ڏسڻ کانسواءِ اصل تاريخ کي سمجهڻ ممڪن ناهي، مهاراجه رنجيت سنگهه جو دور گهڻو سيڪيولر هو، جنهن ۾ ٻين مذهبن جا ماڻهو به اهم عهدن تي مقرر هئا، تاريخي دستڪاري کان وڌي ڪري حڪمراني جو ماڊل غور جوڳو آهي. هن چيو ته هن نمائش کي منعقد ڪرڻ ڊاڪٽر نادر ۽ ڊاڪٽر مرتضيٰ تاج جو وڏو ڪارنامو آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان مهاراجه رنجيت سنگهه جي حڪومتي دور کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ ان سان خاص ڪري نوجوانن کي تاريخ سمجهڻ ۾ مدد ملندي.

مزید خبریں