اسلام آباد -24 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان صوماليه جي گهرو وزير علي يوسف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ صوماليه وچ ۾ سفارتي پاسپورٽ رکندڙن لاءِ ويزا جو شرط ختم ڪرڻ واري معاهدي تي صحيحي ڪئي وئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان …
صدر آصف علي زرداري سان صوماليه جي گهرو وزير علي يوسف جي مُلاقات، معاهدي تي صحيحُون

مزید خبریں
اسلام آباد -24 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان صوماليه جي گهرو وزير علي يوسف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ صوماليه وچ ۾ سفارتي پاسپورٽ رکندڙن لاءِ ويزا جو شرط ختم ڪرڻ واري معاهدي تي صحيحي ڪئي وئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب معاهدي تي صوماليه جي پرڏيهي وزارت ۽ عالمي سهڪار جي مستقل سيڪريٽري حمزه عدن حادو ۽ وفاقي گهرو وزارت، منشيات جي روڪٿام واري اسپيشل سيڪريٽري دائود محمد بڙيچ صحيحي ڪئي. ان موقعي تي صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو ته آفريقا عالمي جاگرافيائي سياست ۾ هڪ اهم خطو آهي ۽ پاڪستان صوماليه سميت آفريقي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان صوماليه سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ گڏيل مفادن جي شعبن ۾ ويجهي سهڪار جو خواهشمند آهي. صدر مملڪت کي آگاهه ڪيو ويو صوماليه جي گهرو وزير جو هي دورو گذريل 35 سالن ۾ صوماليه طرفان پاڪستان جو پهريون باضابطا به طرفو سرڪاري دورو آهي. صدر مملڪت ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان عالمي ڏوهن ۽ منشيات جي اسمگلنگ خلاف علائقائي ۽ عالمي ڪوششن لاءِ پرعزم آهي. ملاقات ۾ وسيع جاگرافيائي سياسي صورتحال ۽ ٻه طرفي سهڪار جي موقعن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. صوماليه جي گهرو وزير پاڪستان حڪومت خاص ڪري گهرو وزارت طرفان مهمان نوازي تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته هو پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي جي دعوت تي پاڪستان آيو آهي. هن صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ پاڪستاني عوام جو به ٿورو مڃيو. ان موقعي تي صوماليه جي گهرو وزير، صوماليه جي صدر پاران صدر مملڪت آصف علي زرداري نالي هڪ خط به پيش ڪيو جنهن ۾ نيڪ تمنائن ۽ خير سگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ويو. صوماليه جي وزير پاڪستان کي صوماليه لاءِ هڪ اعتماد جوڳو ڀائيوار ۽ برادر ملڪ قرار ڏنو ۽ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ صوماليه ۾ گڏيل قومن جي امن مشنز دوران پاڪستاني امن فوجن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو، جن گڏيل قومن جي جهنڊي هيٺ خدمتون انجام ڏيندي پنهنجي جان قربان ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪرمنل جسٽس جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون. ڳالهين ۾ ٻه طرفي حوالگي معاهدي تي ڳالهين جي امڪانن ۽ هر ملڪ ۾ حوالگي جي قانوني فريم ورڪ جو جائزو شامل آهي. فوجداري معاملن ۾ گڏيل قانوني معاونت ۽ سزا آيل ماڻهن جي منتقلي تي ڳالهيون شروع ڪرڻ جي امڪانن جو به جائزو ورتو ويو. ٻنهي ڌرين منشيات خلاف قدمن ۾ سهڪار، منشيات جي اسمگلنگ ۽ منظم ڏوهن خلاف گڏيل حڪمت عملي، ڄاڻ ۽ انٽيليجنس جي ڏي وٺ جي سگهه وڌائڻ ۽ اهلڪارن جي تربيت تي به اتفاق راءِ جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستان نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ذريعي جديد سڃاڻپ واري نظام، سول رجسٽريشن، محفوظ دستاويزي نظام ۽ صومالي پوليس جي تربيت جي شعبن ۾ سهڪار جي آڇ ڪئي آهي. ملاقات ۾ گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري پڻ موجود هئا. صومالي وفد ۾ پاڪستان ۾ مقرر صوماليا جو سفير شيخ نور محمد حسن ۽ ڊپٽي پوليس چيف عثمان عبداللهي به شامل هئا.











