اسلام آباد- 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تعليم ۽ تربيت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو آهن، جن کي تعليم، تربيت ۽ هنرمندي جا بهترين موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام …
پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو آهن: محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تعليم ۽ تربيت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو آهن، جن کي تعليم، تربيت ۽ هنرمندي جا بهترين موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي پاڪستان عالمي دنيا سان هڪ آواز ٿي ڀرپور انداز ۾ سڄي دنيا خاص طور تي پاڪسدتان جي تعليم ۽ تربيت سان واڳيل سمورن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. هن چيو ته هو ذاتي طور تي سموري عوام، شاگردن ۽ شاگردياڻين، استادن، والدين، معلمين ۽ محققين کي دلي مبارڪباد پيش ڪري ٿو جيڪي سڄي ملڪ ۾ تعليم ۽ تربيت ۽ علم جي فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال هي عالمي ڏينهن ”تعليم جي گڏيل جوڙجڪ ۾ نوجوانن جي طاقت“ جي انتهائي موزون عنوان تحت ملهايو پيو وڃي. هي عنوان اسان جي دور ۾ نوجوان طبقي جي تعليمي نظام ۾ بطور هڪ فعال حصيدار هجڻ جي ترجماني ڪري ٿو، اهڙو تعليمي نظام جيڪو موجوده دور، جدت ۽ مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ، جامع ۽ موثر هجي. هن چيو ته نوجوانن جون تخليقي صلاحيتون ۽ جدت آموز امنگيون يقيني طور تي تعليمي نظام جي صحيح رخ ۾ ترقي جو سبب بڻجنديون. هن چيو ته پاڪستان جي باصلاحيت نوجوان آبادي اسان جي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهي، انهن کي تعليم ۽ تربيت، معياري صلاحيت ۽ هنرمندي جا بهترين موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان جو آئين خاص طور تي آرٽيڪل 25 اي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي تعليم جي فروغ ۽ سڌارن بابت رهنمائي ڪندو رهندو. هن چيو ته موجوده دور جي هڪ ٻئي سان گڏيل ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس دنيا ۾ علم ۽ تعليم جي موجوده طريقن ۾ تنقيدي سوچ، جدت، ڊيجيٽل مهارت، اخلاقي قدرن ۽ عملي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ ۾ ئي انفرادي ۽ قومي ڀلائي ۽ ترقي جو راز لڪيل آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت تعليم جي نظام کي موثر ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ تعليم ۽ مهارتن جي فروغ تي مختلف پروگرامن جي ذريعي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، انهن پروگرامز ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ توسيع ٿيل وظيفا، ميرٽ جي بنياد تي مالي مدد ۽ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم شامل آهي. انهن پروگرامز جو مقصد شاگردن کي ڊيجيٽل وسيلن تائين پهچ، تحقيقي صلاحيت ۾ اضافي ۽ عالمي سطح جي علم ۽ معيشت سان هم آهنگ ٿيڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته سمورن طبقن سان واڳيل نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي حڪمت عملي جو هڪ اهم رخ فني ۽ پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت جو فروغ آهي ته جيئن هنرمندي ۽ مهارت قومي ضرورتن ۽ عالمي موقعن جي عين موجب هجن. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ اسڪلز ڊيولپمينٽ پروگرام تحت نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي ذريعي سڄي ملڪ ۾ موثر ۽ ضرورت موجب تربيت جا ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن. انهن قدمن ۾ مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، آٽو ميشن ۽ جديد ٽيڪنالاجيز جهڙن اڀرندڙ شعبن ۾ مهارتن جي تربيت شامل آهي، قومي سطح تي هنرمندي جي لاءِ قدمن جي ذريعي مدرسن جي نوجوانن کي پڻ قومي نظام ۾ شامل ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي باوقار روزگار ۽ ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻندي معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن جڏهن ته عورتن جي لاءِ خاص پروگرامز جي ذريعي فني، ڊيجيٽل ۽ گهريلو بنيادن تي مهارتن کي فروغ ڏنو پيو وڃي ته جيئن عورتن جي معاشي شموليت ۽ معاشي پاڻڀرائپ کي سگهه ملي. وزيراعظم چيو ته تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي هو سمورن تعليمي ادارن، شاگردن ۽ شاگردياڻين، معلمين ۽ استادن، والدين ۽ سول سوسائٽي کي اپيل ڪري ٿو ته اچو گڏجي نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ اهڙي تعليمي ماحول کي جوڙيون جيڪو معياري نظريي ۽ فڪر، سمورن طبقن جي شموليت، محنت جي عظمت، علم ۽ تحقيق جي جديد گهرجن ۽ سڄي عمر سکڻ جي جذبي کي فروغ ڏيندو هجي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ته نوجوانن جي روشن مستقبل کي تعليم ۽ هنر ۽ مهارت جي نظام جو محور بڻائينداسين ۽ هڪ اهڙو تعليمي نظام جوڙينداسين جيڪو هر ماڻهو جي صلاحيتن کي فروغ ڏئي نکاري، برابري کي فروغ ڏي ۽ ايندڙ نسلن کي امن ۽ استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل طرف پاڪستان جي قيادت جي لاءِ تيار ڪري.











