اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير نٽالي بيڪر سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڌرين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون. گهرو وزارت مطابق ملاقات دوران گڏيل سهڪار کي وڌائڻ خاص ڪري غير قانوني اميگريشن کي روڪڻ ۽ پري اميگريشن ڪليئرنس سسٽم کي بهتر بڻائڻ …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي آمريڪي سفير نٽالي بيڪر سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير نٽالي بيڪر سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڌرين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون. گهرو وزارت مطابق ملاقات دوران گڏيل سهڪار کي وڌائڻ خاص ڪري غير قانوني اميگريشن کي روڪڻ ۽ پري اميگريشن ڪليئرنس سسٽم کي بهتر بڻائڻ تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڌرين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص ڪري پوليس لاءِ هر سطح تي سهڪار وڌائڻ به اتفاق ڪيو. اجلاس دوران هڪ اهم فيصلو ڪيو ويو ته جعلي ويزا سرگرمين ۾ ملوث نيٽ ورڪس خلاف جامع ايس او پيز تحت گڏيل ڪارروائيون شروع ڪيون وينديون. گهرو وزير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت ايجنٽ مافيا ۽ غير قانوني چر پر کي سهولت فراهم ڪندڙن خلاف ”زيرو ٽالرنس پاليسي“ اختيار ڪئي آهي. هن ان سلسلي ۾ آمريڪي حمايت جي آجيان ڪئي. محسن نقوي چيو ته مان ذاتي طور تي جعلي ويزا نيٽ ورڪس خلاف ڪارروائين جي نگراني ڪري رهيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي پاسپورٽ کي جديد ٽيڪنالاجي سان فول پروف بڻايو ويو آهي. غير قانوني اميگريشن کي هڪ سنگين مسئلو قرار ڏيندي هن چيو ته غير قانوني طور تي آمريڪا پهچڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف حڪومت جو سخت ڪريڪ ڊائون جاري آهي. هن چيو ته اثرائتي حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ غير قانوني اميگريشن ۾ 47 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. هن زور ڀريو ته جعلي دستاويز تيار ڪرڻ يا سهولت فراهم ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهو ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن. آمريڪي سفير نٽالي بيڪر پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن لاءِ واشنگٽن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته اسان پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏيون ٿا، اسان جون ترجيحون هم آهنگ آهن ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ سان اسان جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.











