سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سان قبائلي اڳواڻن، ناليوارن واپارين، سيڙپڪارن جي ملاقات

اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر سان قبائلي اڳواڻن، ناليوارن واپارين، سيڙپڪارن ۽ ملڪ جي نامور شخصيتن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات جو مقصد سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي ڀاڄائيءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪرڻ هو. وفد ۾ اسد الله، فخر الدين لهڙي، صبوحي حسين، پير محمد خان ڪاڪڙ، مصور ڪاڪڙ، اقبال ڪاسي سميت مختلف قبائلي اڳواڻن، ڪاروباري …

اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر سان قبائلي اڳواڻن، ناليوارن واپارين، سيڙپڪارن ۽ ملڪ جي نامور شخصيتن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات جو مقصد سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي ڀاڄائيءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪرڻ هو. وفد ۾ اسد الله، فخر الدين لهڙي، صبوحي حسين، پير محمد خان ڪاڪڙ، مصور ڪاڪڙ، اقبال ڪاسي سميت مختلف قبائلي اڳواڻن، ڪاروباري شخصيتن ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. وفد جي ميمبرن مرحومه جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڏُکويل ڪٽنب سان دلي تعزيت ڪئي ۽ ان ڏکوئيندڙ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران ڌُرين مرحومه جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سندس درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا ڪئي.

مزید خبریں