اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 9100 رپين جي واڌ سان في تولو سون 5 لک 14662 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه سون جي في تولي جي اگهه ۾ 9100 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 5 لک 14662 رپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي اگهه ۾ به 7802 رپيا واڌ …
سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 9100 رپين جي واڌ، في تولو 5 لک 14662 رپين جو ٿي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 9100 رپين جي واڌ سان في تولو سون 5 لک 14662 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه سون جي في تولي جي اگهه ۾ 9100 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 5 لک 14662 رپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي اگهه ۾ به 7802 رپيا واڌ کانپوءِ 4 لک 33437 رپين کان وڌي 4 لک 41239 رپيا ٿي ويو. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جو اگهه 3 لک 97331 رپين کان وڌي 4 لک 4483 رپيا ٿي ويو. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته في تولو چانديءَ جي اگهه ۾ 372 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو چانديءَ جو اگهه 10275 رپيا ۽ 10 گرام چاندي جو اگهه 319 رپين جي واڌ کانپوءِ 8809 رپيا ٿي ويو. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 4840 ڊالرن کان وڌي 4923 ڊالر ٿي ويو.











