اسلام آباد - 23 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چترال ۾ برفاني ڇِپ ڪرڻ جي ڪري قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ڪندي مرحومين جي لاءِ مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته شديد برساتن، برفباري …
صدر آصف علي زرداري پاران چترال ۾ برفاني ڇِپ ڪرڻ جي ڪري قيمتي انساني جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چترال ۾ برفاني ڇِپ ڪرڻ جي ڪري قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ڪندي مرحومين جي لاءِ مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته شديد برساتن، برفباري ۽ اوچتو شديد سرديءَ موسمياتي هنگامي صورتحال جون واضح علامتون آهن جيڪي موسمياتي تبديلي جي وڌندڙ اثرن جي نشاندهي ڪن ٿيون. هن زور ڏنو ته موسمياتي تبديلين موجب اڳواٽ تياري ۽ ممڪن نقصانن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي وقت جي اهم ضرورت آهي. صدر وفاقي، صوبائي ۽ مقامي ادارن کي هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ امدادي ۽ بحالي قدم تيز ڪيا وڃن ۽ عوام سان مسلسل رابطو رکيو وڃي. هن جديد ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال تي زور ڏيندي چيو ته وقت سر معلومات جي فراهمي ۽ عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ رياست جي اولين ذميواري آهي.











