سرڪاري ملازمن جي ترقي جي عمل کي شفاف، منصفاڻو ۽ وقت سر مڪمل ڪرڻ ادارن جو فرض آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هڪ اهم فيصلي ۾ قرار ڏئي ڇڏيو آهي ته اداره جاتي ڪوتاهي جي سزا ملازمن کي نٿي ڏئي سگهجي، ڪنهن سرڪاري ملازم کي اداري جي ڪوتاهي، دير يا نااهلي جو نقصان نه کڻڻو پوندو ۽ جيڪڏهن هو ترقي لاءِ اهل هجي ته وقت سر غور ان جو قانوني حق آهي. سپريم ڪورٽ جي تفصيلي لکت واري فيصلي موجب جسٽس عائشه …

اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هڪ اهم فيصلي ۾ قرار ڏئي ڇڏيو آهي ته اداره جاتي ڪوتاهي جي سزا ملازمن کي نٿي ڏئي سگهجي، ڪنهن سرڪاري ملازم کي اداري جي ڪوتاهي، دير يا نااهلي جو نقصان نه کڻڻو پوندو ۽ جيڪڏهن هو ترقي لاءِ اهل هجي ته وقت سر غور ان جو قانوني حق آهي. سپريم ڪورٽ جي تفصيلي لکت واري فيصلي موجب جسٽس عائشه اي ملڪ، جسٽس محمد هاشم خان ڪاڪڙ ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل ٽه رڪني بينچ سرڪاري ملازم فخر مجيد جي سول پٽيشن کي اپيل ۾ تبديل ڪندي منظور ڪري ورتو. عدالت پنجاب سروس ٽربيونل جو 16 فيبروري 2024ع جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت حڪم ڏنو ته مجيد کي ڊرافٽس مين (BPS-14) جي عهدي تي 21 جنوري 2012ع کان ترقي يافته تصور ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته انهي تاريخ تي اداره جاتي ترقياتي ڪميٽي (ڊي پي سي) منعقد ٿي هئي، تنهن هوندي به بنا ڪنهن جواز جي درخواست گذار جي ڪيس تي غور نه ڪيو ويو هو. عدالتي فيصلي موجب فخر مجيد 2008ع کان مسلسل ڊرافٽس مين جي عهدي تي ڪرنٽ چارج طور فرض سرانجام ڏئي رهيو هو ۽ 2010ع ۾ ترقي لاءِ اهل ٿي چڪو هو، پر اريگيشن ڊپارٽمينٽ پنجاب طرفان نه ته وقت سر ڊي پي سي گهرائي وئي ۽ نه ئي ڪو قانوني سبب رڪارڊ تي آندو ويو ته کيس 2012ع ۾ ڇو نظر انداز ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته جيتوڻيڪ قانون تحت ترقي پاڻ حق ناهي پر ترقي لاءِ وقت سر غور هر اهل سرڪاري ملازم جو بنيادي حق آهي. عدالت واضح ڪيو ته ادارا پنهنجي نااهلي ۽ دير کي جواز بڻائي قانون جو سهارو نٿا وٺي سگهن. جسٽس عائشه اي ملڪ فيصلي ۾ چيو ته سرڪاري ادارن جو فرض آهي ته اهي ملازمن جي ترقي جي عمل کي شفاف، منصفاڻو ۽ وقت سر مڪمل ڪن. ڊگهي عرصي تائين ڪنهن آفيسر کي ڪرنٽ چارج تي رکڻ ۽ پوءِ ان کي ترقي کان محروم رکڻ نه رڳو ناانصافي پر آئين جي آرٽيڪل 4 ۽ 25 جي به خلاف ورزي آهي. عدالت وڌيڪ چيو ته رياست طور آجر هڪ ماڊل ايمپلائيز آهي ۽ ان کي ملازمن سان اعليٰ معيار جي شفافيت، انصاف ۽ جوابدهي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. اداره جاتي ڪوتاهي جي سزا ملازم کي نٿي ڏئي سگهجي. سپريم ڪورٽ ان بنيادن تي پنجاب سروس ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي فخر مجيد کي 21 جنوري 2012ع کان ترقي جا سمورا مالي ۽ سروس فائدا ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

مزید خبریں