آڪسفورڊ يونيورسٽي يونين جي صدر پاران پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت

اسلام آباد - 23 جنوري (اي پي پي) آڪسفورڊ يونيورسٽي يونين جي صدر موسيٰ حيات ھراج گذريل ڏينھن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي ڪارروائي ڏٺي. گڏيل اجلاس جي شروعات ۾ اسپيڪر چيو ته اسپيڪر باڪس ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي يونين جو صدر موسيٰ حيات ھراج به موجود آھي ۽ اسان سندس آجيان ڪيون ٿا، جنھن تي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس استقبال ڪيو. اسپيڪر چيو ته اھڙا نوجوان اسان لاءِ فخر جو …

اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) آڪسفورڊ يونيورسٽي يونين جي صدر موسيٰ حيات ھراج گذريل ڏينھن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي ڪارروائي ڏٺي. گڏيل اجلاس جي شروعات ۾ اسپيڪر چيو ته اسپيڪر باڪس ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي يونين جو صدر موسيٰ حيات ھراج به موجود آھي ۽ اسان سندس آجيان ڪيون ٿا، جنھن تي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس استقبال ڪيو. اسپيڪر چيو ته اھڙا نوجوان اسان لاءِ فخر جو سبب ۽ نوجوانن لاءِ مشعل راھه آھن. واضح رھي ته موسيٰ حيات ھراج دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير جو فرزند آھي.

مزید خبریں