اسلام آباد - 23 جنوري (اي پي پي) انڊويجوئل لينڊ پاڪستان جي پليٽ فارم تحت ميڊيا اينڊ سوڪ انگيجمينٽ انيشيئيٽو سان واڳيل 20 رڪني وفد پارليامينٽ ھائوس جو دورو ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ سيڪريٽريٽ جي اختيارين وفد کي پارليامينٽ ھائوس آمد تي آجيان چئي. وفدن کي سينيٽ ميوزيم جو دورو ڪرايو ويو، جتي کين سينيٽ جي تاريخ، اھم واقعن ۽ پارلياماني ارتقا تي ٻڌل ھڪ جامع …
ميڊيا اينڊ سوڪ انگيجمينٽ انيشيئيٽو سان لاڳاپيل 20 رڪني وفد پاران پارليامينٽ ھائوس جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) انڊويجوئل لينڊ پاڪستان جي پليٽ فارم تحت ميڊيا اينڊ سوڪ انگيجمينٽ انيشيئيٽو سان واڳيل 20 رڪني وفد پارليامينٽ ھائوس جو دورو ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ سيڪريٽريٽ جي اختيارين وفد کي پارليامينٽ ھائوس آمد تي آجيان چئي. وفدن کي سينيٽ ميوزيم جو دورو ڪرايو ويو، جتي کين سينيٽ جي تاريخ، اھم واقعن ۽ پارلياماني ارتقا تي ٻڌل ھڪ جامع ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي. ان ڊاڪيومينٽري ذريعي وفد کي پارلياماني روايتن،سينيٽ جي ڪردار ۽ آئيني اھميت بابت بصيرت حاصل ٿي. ان موقعي تي وفد کي سينيٽ جي دستور گلي جو به دورو ڪرايو ويو جيڪا پاڪستان جي آئيني سفر، اھم قومي دستاويزن ۽ تاريخي لمحن جون تصويرون ۽ دستاويزي شڪل ۾ عڪاسي ڪري ٿي. ان کانپوءِ وفد کي سينيٽ ھال جو به دورو ڪرايو ويو، جتي سينيٽ جي اجلاس جي معاملن جي حوالي سان تفصيلي ۽ معلوماتي بريفنگ ڏني وئي. وفد کي قانون سازي جي مرحلي، پارلياماني طريقي ڪار ۽ سينيٽ جي عملي ڪارروائين بابت به آگاھه ڪيو ويو. وفد دوري کي نھايت معلوماتي ۽ مفيد قرار ڏيندي چيو ته اھڙا دورا نوجوان نسل ۾ جمھوري قدرن، قانون سازي ۽ پارلياماتي نظام جي اھميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا.











