اسلام آباد-23 جنوري(اي پي پي) وفاقي محتسب جو ادارو پاڪستان ۾ عوامي شڪايتن جي ازالي ۽ بهتر حڪمراني کي هٿي ڏيڻ جو روشن مثال بڻجي چڪو آهي، 24 جنوري 1983ع تي قائم ٿيل اهو ادارو پنهنجي قيام جا 43 سال مڪمل ڪري چڪو آهي ۽ ان عرصي دوران ساڍا 25 لک کان وڌيڪ شڪايتون اڪلائڻ جو نمايان رڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي جيڪو عوام جي اعتماد ۽ اداري جي ڪارڪردگي …
وفاقي محتسب جو ادارو عوامي انصاف جي علامت بڻيل، 43 سالن ۾ 25 لک درخواستون اڪلايون

مزید خبریں
اسلام آباد-23 جنوري(اي پي پي) وفاقي محتسب جو ادارو پاڪستان ۾ عوامي شڪايتن جي ازالي ۽ بهتر حڪمراني کي هٿي ڏيڻ جو روشن مثال بڻجي چڪو آهي، 24 جنوري 1983ع تي قائم ٿيل اهو ادارو پنهنجي قيام جا 43 سال مڪمل ڪري چڪو آهي ۽ ان عرصي دوران ساڍا 25 لک کان وڌيڪ شڪايتون اڪلائڻ جو نمايان رڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي جيڪو عوام جي اعتماد ۽ اداري جي ڪارڪردگي جو واضح ثبوت آهي. وفاقي محتسب جي پهرين هيڊ آفيس اسلام آباد ۾ قائم ڪئي وئي، بعد ۾ چئني صوبن جي گادي وارن شهرن ۾ علائقائي آفيسون قائم ڪيون ويون.هن وقت هيڊ آفيس اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ وفاقي محتسب جون 28 علائقائي آفيسون ۽ شڪايت مرڪز فعال آهن جيڪي شهرين کي سندن چائنٺ تي انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. قيام جا 43 سال مڪمل ٿيڻ تي وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آفيسرن ۽ عملي جي مسلسل محنت ۽ پيشيوراڻي وابستگي سبب وفاقي محتسب جو ادارو ملڪ ۾ گڊ گورننس جو مثال بڻجي اڀريو آهي. هن جو چوڻ هو ته اداري سرڪاري آفيسن ۽ کاتن ۾ شفافيت، جوابدهي، قانون جي حڪمراني ۽ انتظامي بهتري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وفاقي محتسب موجب اداري پنهنجي پهچ وڌائڻ لاءِ کليل ڪچهريون، نيون علائقائي آفيسون قائم ڪرڻ ۽ آءِ آر ڊي جهڙا جديد قدم متعارف ڪرايا، جنهن جي نتيجي ۾ عوامي شڪايتن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته صرف سال 2025ع دوران 2 لک 61 هزار 101 شڪايتن جا فيصلا ڪيا ويا، جيڪو ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته عوام وفاقي محتسب جي فورم کي موثر ۽ قابل اعتماد سمجهي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته گذريل 43 سالن دوران جن خاندانن کي رليف فراهم ڪيو ويو، انهن جي وڏي انگ جو تعلق معاشري جي پيڙهيل طبقن ۽ ڏورانهن علائقن سان هو. جتي انصاف تائين پهچ هڪ وڏو چئلينج سمجهيو ويندو آهي. وفاقي محتسب جو ادارو ان خال کي ڀرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي، وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي ان عزم جو اظهار ڪيو ته ادارو بدانتظامي جي خاتمي، گڊ گورننس جي قيام، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جا بنيادي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪندو.هن چيو ته وفاقي محتسب اڄ جنهن مقام تي آهي، اهو هيڊ آفيس ۽ علائقائي آفيسن ۾ خدمتون ڏيندڙ آفيسرن ۽ عملي جي اڻٿڪ محنت جو نتيجو آهي. هن آفيسرن ۽ عملي تي زور ڀريو ته عوامي شڪايتن جي فوري ۽ اثرائتي ازالي کي اولين ترجيح ڏني وڃي ته جيئن عوام جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿئي، وفاقي محتسب ان اعتماد جو اظهار به ڪيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ اهو ادارو وڌيڪ مستحڪم، اثرائتو ۽ عوام دوست بڻجندو ويندو.











