پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏني وئي

اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏني وئي. گذريل ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري قانون بابت وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ طرفان انساني حقن بابت قومي ڪميشن جو ترميمي بل 2025ع ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏني، …

اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏني وئي. گذريل ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري قانون بابت وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ طرفان انساني حقن بابت قومي ڪميشن جو ترميمي بل 2025ع ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏني، بعد ۾ ايوان بل جي شق وار منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان بل تي شازيه مري جي ترميم کي منظور ڪيو جڏهن ته عاليه ڪامران ۽ مرتضيٰ ملڪ جي ترميمن کي رد ڪري ڇڏيو.

مزید خبریں