اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ سپر ٽيڪس بابت اهم ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايف بي آر جي وڪيلن مجموعي طور تي پنهنجي موقف کان عدالت کي آگاهه ڪري دليل مڪمل ڪري ورتا. بعد ۾ عدالت سپر ٽيڪس جي ٻڌڻي 26 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪيس جي ٻڌڻي گذريل ڏينهن چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪئي. بينچ …
وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس ڪيس ۾ ايف بي آر جا دليل مڪمل، ٻڌڻي 26 جنوري تائين ملتوي

مزید خبریں
اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ سپر ٽيڪس بابت اهم ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايف بي آر جي وڪيلن مجموعي طور تي پنهنجي موقف کان عدالت کي آگاهه ڪري دليل مڪمل ڪري ورتا. بعد ۾ عدالت سپر ٽيڪس جي ٻڌڻي 26 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪيس جي ٻڌڻي گذريل ڏينهن چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪئي. بينچ ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس سيد ارشد حسين شاهه شامل هئا. ٻڌڻي دوران فيڊرل بورڊ آف روينيو جي وڪيلن پنهنجا دليل پيش ڪيا. ايف بي آر جي وڪيل حافظ احسان کوکر عدالت کي آگاهه ڪيو ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي سيڪشن 4 بي کي عدالت 2022ع ۾ ئي درست قرار ڏئي چڪي آهي جڏهن ته ٽيڪس آرڊيننس جو سيڪشن 4 سي 2022ع کانپوءِ لاڳو آهي. ايف بي آر جي وڪيل عاصمه حامد دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ اڳ ۾ ئي سپر ٽيڪس جي معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو منع نامو ختم ڪري چڪي آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ٽيڪس ڏيندڙن کي هدايت ڏني هئي ته هو سپر ٽيڪس جي مد ۾ 50 سيڪڙو رقم ايف بي آر کي جمع ڪرائين. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس امين الدين خان پڇيو ته ڇا سنڌ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽس کانسواءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به ڪو نئون درخواستگذار سامهون آيو هو؟ ان تي ايف بي آر جي وڪيل عاصمه حامد عدالت کي آگاهه ڪيو ته گهڻو ڪري پراڻا درخواستگذار ئي هئا پر انهن سان گڏ ڪجهه نوان ٽيڪس ڏيندڙ به شامل ٿيا هئا. وڪيل عاصمه حامد پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا، ٻڌڻي دوران ايف بي آر جي وڪيلن مجموعي طور تي پنهنجي موقف کان آگاهه کي آگاهه ڪيو. بعد ۾ عدالت سپر ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي سومر 26 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.











