ريلوي واري وفاقي وزير سان قازقستان جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان- قازقستان ريلوي ڪنيڪٽوٽي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ريلوي واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ اعليٰ سطحي مشاورت ٿي، جنهن ۾ ريجنل ڪنيڪٽوٽي ۽ ريلوي تعاون جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ڌُرين پاڪستان کان وچ ايشيا تائين ريلوي …

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان- قازقستان ريلوي ڪنيڪٽوٽي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ريلوي واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ اعليٰ سطحي مشاورت ٿي، جنهن ۾ ريجنل ڪنيڪٽوٽي ۽ ريلوي تعاون جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ڌُرين پاڪستان کان وچ ايشيا تائين ريلوي ڪنيڪٽوٽي جي منصوبن ۽ ان جي معاشي واپاري فائدن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم جي ريجنل ڪنيڪٽوٽي ويزن تحت ان منصوبي کي انتهائي اهم ۽ اسٽريٽجڪ قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو پوري خطي لاءِ سنگِ ميل ثابت ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته هي منصوبو پاڪستان جي ريلوي سيڪٽر ۾ هڪ تاريخي اڳڀرائي آهي ۽ خطي ۾ واپار ۽ رابطن جا نوان مرحلا فراهم ڪندو. پاڪستان کان قازقستان تائين ريلوي ڪنيڪٽوٽي تي نمايان اڳڀرائي، ڪراچي پورٽ کان قازقستان تائين ريلوي ڪنيڪٽوٽي جو منصوبو تيار آهي جيڪو خطي ۾ واپاري رابطن کي هٿي ڏيندو ۽ پاڪستان کي وچ ايشيا سان سڌيءَ ريت جوڙيندو. چمن رستي افغانستان، ترڪمانستان ۽ قازقستان تائين ريلوي نيٽ ورڪ جامع انداز ۾ مربوط ڪيو ويندو. پاڪستان- قازقستان ريلوي ڪنيڪٽوٽي منصوبو 7 ارب ڊالر ماليت جو آهي، جيڪو 3 سالن جي رڪارڊ مُدت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هي منصوبو پوري خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ پاڪستان جي معيشت لاءِ سنگِ ميل جو ڪردار ادا ڪندو. قازقستان جو صدر 3 فيبروريءَ تي پاڪستان جو دؤرو ڪندو ۽ ان موقعي تي باقائدي طور ايم او يو تي صحيحون ڪيون وينديون جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ريلوي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته هي منصوبو نه صرف پاڪستان ريلوي انڊسٽري لاءِ اهم آهي پر پوري خطي ۾ واپاري رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ معاشي ترقي جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.

مزید خبریں