اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي سالياني چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ نَون عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. وفاقي وزير صدر جي عهدي لاءِ عمران وسيم، جنرل سيڪريٽري امانت رضا گشڪوري، نائب صدر ابرار استوري، خزانچي لاءِ عابد نثار، اطلاعات سيڪريٽري سحرش خان جڏهن ته ايگزيڪيوٽو باڊي جي ميمبرن زاهد شريف، رئوف بزمي ۽ سبين …
وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پاران پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نَون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي سالياني چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ نَون عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. وفاقي وزير صدر جي عهدي لاءِ عمران وسيم، جنرل سيڪريٽري امانت رضا گشڪوري، نائب صدر ابرار استوري، خزانچي لاءِ عابد نثار، اطلاعات سيڪريٽري سحرش خان جڏهن ته ايگزيڪيوٽو باڊي جي ميمبرن زاهد شريف، رئوف بزمي ۽ سبين شهباز کي مبارڪون ڏنيون ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ پريس ايسوسيئيشن عدالتي رپورٽنگ ۾ پيشيوراڻي معيار ۽ ذميدار صحافت کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وفاقي وزير اميد ظاهر ڪئي ته نئين چونڊيل قيادت صحافي برادري جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي فلاح لاءِ ڀرپور قدم کڻندي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت صحافين جي آزادي، تحفظ ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندي.











