صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان جي اردن جي لاءِ نامزد سفير ميجر جنرل (رٽائرڊ) خرم سرفراز خان جي ملاقات

اسلام آباد - 22 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان جي اردن جي لاءِ نامزد سفير ميجر جنرل (رٽائرڊ) خرم سرفراز خان ملاقات ڪئي. نئين سفارتي ذميواريون سنڀالڻ تي صدر کيس مبارڪباد ڏني ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو ته هو اردن سان پاڪستان جي گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪندو جڏهن ته نامزد سفير کي فلسطين جي لاءِ پڻ سفارتي …

اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان جي اردن جي لاءِ نامزد سفير ميجر جنرل (رٽائرڊ) خرم سرفراز خان ملاقات ڪئي. نئين سفارتي ذميواريون سنڀالڻ تي صدر کيس مبارڪباد ڏني ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو ته هو اردن سان پاڪستان جي گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪندو جڏهن ته نامزد سفير کي فلسطين جي لاءِ پڻ سفارتي مقرري حاصل هوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان مجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ اردن جي پراڻي لاڳاپن کي انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ مذهبي قدرن جي بنياد تي مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن. هن اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله ٻه، اردن جي عوام ۽ فلسطيني قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گذريل نومبر ۾ اردن جي فرمانروا جي پاڪستان جي دوري دوران سياسي رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي ۽ عوامي سطح تي رابطن بشمول افرادي قوت ۽ مهارتن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو. صدر آصف علي زرداري اردن ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي ڪردار کي ساراهيندي اتي پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ بهتر قونصلر سهولتن، باقاعده رابطن ۽ سفارتخاني ۽ ڪميونٽي جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي زور ڏنو. صدر فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي لاءِ پاڪستان جي اصولي ۽ سفارتي موقف جو ورجاءُ ڪيو. هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ اردن جي ڪردار کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته نامزد سفير اردن ۽ فلسطين سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور انداز ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو.

مزید خبریں