آذربائيجان جي ڪمپني سوڪار پاران پاڪستان جي تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ کي فيبروري ۾ حتمي شڪل ڏيڻ جو اعلان

ڊيووس-22 جنوري (اي پي پي) جمهوريه آذربائيجان جي اسٽيٽ آئل ڪمپني سوڪار ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ رٿيل بزنس رائونڊ ٽيبل ۾ شرڪت ڪندي اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ مهيني تائين پاڪستان جي تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ پنهنجي سيڙپڪاريءَ کي حتمي شڪل ڏيندو. اهو اعلان سوڪار جي صدر روشن نجف، ناڻي …

ڊيووس-22 جنوري (اي پي پي) جمهوريه آذربائيجان جي اسٽيٽ آئل ڪمپني سوڪار ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ رٿيل بزنس رائونڊ ٽيبل ۾ شرڪت ڪندي اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ مهيني تائين پاڪستان جي تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ پنهنجي سيڙپڪاريءَ کي حتمي شڪل ڏيندو. اهو اعلان سوڪار جي صدر روشن نجف، ناڻي واري وفاقي وزير سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته سوڪار پاڪستان کي هڪ قدرتي ۽ ڊگهي مُدي واري توانائي جي حصيدار طور ڏسي ٿي، جتي توانائيءَ جي وڌندڙ گهرج ۽ شعبي ۾ جاري سڌارا، سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. ناڻي واري وزير سوڪار جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان حڪومت تيل ۽ گيس ۽ معدنيات جي شعبن ۾ اسٽريٽجڪ سيڙپڪاريءَ کي خاص اهميت ڏني پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته هي شعبو توانائيءَ جي تحفظ، صنعتي ترقي ۽ معاشي استحڪام لاءِ نهايت اهم آهي. هن چيو ته حڪومت اهڙن سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي جن سان واپاري شفافيت، معاهدن ۾ وضاحت ۽ سيڙپڪارن لاءِ بهتر ماحول يقيني بڻائي سگهجي. روشن نجف ٻُڌايو ته سوڪار اڳ ئي سوڪار  ٽريڊنگ ذريعي پاڪستان ۾ موجود آهي جيڪو پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ سان جي ٽو جي ايل اين جي فريم ورڪ تحت ڪم ڪري رهي آهي. ان معاهدي تحت پاڪستان کي بنا ڪنهن ٽيڪ ۽ـ پي شرط جي ماهوار هڪ ايل اين جي ڪارگو حاصل ڪرڻ جي سهولت آهي، جنهن سان قيمت ۽ گهرج جي حوالي سان لچڪ ملي ٿي. هن پاڪستان اسٽيٽ آئل سان پيٽروليم شين جي فراهميءَ تي جاري رابطن جو به ذڪر ڪيو ۽ تيل ۽ گيس جي پوري ويليو چين ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي، خاص ڪري اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ سڌارن تي عمل ڪري رهيو آهي. روشن نجف سوڪار جي عالمي ڪردار تي روشني وجهندي ٻُڌايو ته هي هڪ وڏي سرڪاري توانائي ڪمپني آهي جيڪا 20 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جا 66 هزار کان وڌيڪ ملازم آهن، جڏهن ته 2024ع ۾ ان جي آمدني تقريبن 50.6 ارب آمريڪي ڊالر رهي. هن چيو ته هڪ اُڀرندڙ معيشت جي قومي توانائي ڪمپني هئڻ جي ناتي سوڪار پاڪستان لاءِ هڪ اعتماد جوڳو ۽ ڊگهي مُدي وارو حصيدار بڻجي سگهي ٿو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سوڪار جي سيڙپڪاريءَ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ايندڙ هفتن ۾ ويجها رابطا برقرار رکيا ويندا، جيڪي پاڪستان جي معاشي سڌارن ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ وڌندڙ عالمي اعتماد جي عڪاسي ڪن ٿا.

مزید خبریں