ڊيووس-22 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گذريل ڏينهن ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي بل گيٽس سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جاري سڌارن واري عمل، صحت جي شعبي جي ترجيحن ۽ پائيدار ترقي ۽ اداره جاتي صلاحيت وڌائڻ لاءِ گيٽس فائونڊيشن سان تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ گيٽس …
ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي بل گيٽس سان ملاقات، صحت ۽ اداره جاتي سڌارن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
ڊيووس-22 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گذريل ڏينهن ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي بل گيٽس سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جاري سڌارن واري عمل، صحت جي شعبي جي ترجيحن ۽ پائيدار ترقي ۽ اداره جاتي صلاحيت وڌائڻ لاءِ گيٽس فائونڊيشن سان تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ گيٽس فائونڊيشن جي پراڻي مدد خاص ڪري پوليو جي خاتمي ۾ سندس اهم ڪردار تي ٿورو مڃيو. هن صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ طبي سهولتون بهتر بڻائڻ لاءِ فائونڊيشن جي مسلسل تعاون کي ساراهيو. بل گيٽس پاڪستان ۾ فائونڊيشن جي جاري ۽ ايندڙ سرگرمين کان آگاهه ڪيو ۽ پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ مسلسل ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو. ٻنهي پاسن کان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته صحت جي منصوبن تي موثر عملدرآمد لاءِ لاڳاپيل ادارن ۽ صوبائي انتظاميه سان ويجهو رابطو ضروري آهي. خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي خاص ڌيان گهربل آهي. ڌرين پوليو جي خاتمي ۽ صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي ٽيڪس نظام جي ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان گيٽس فائونڊيشن طرفان تازي تعاون جي اظهار تي ٿورو مڃيو ۽ چيو ته هي قدم حڪومت جي وسيع تر سڌارن واري ايجنڊا جو اهم حصو آهي. هن ٻڌايو ته شفافيت ۽ ڊجيٽل نظام ذريعي ملڪي وسيلن ۾ اضافو حڪومت جي اهم ترجيح آهي جنهن جي نگراني اعليٰ سطح تي جاري آهي. بل گيٽس چيو ته موثر ٽيڪس نظام ڊگهي مدي واري معاشي طور پاڻ ڀاڙڻ لاءِ نهايت اهم آهي ۽ ڊجيٽل ذريعن سان ٽيڪس وصولي، حڪمراني ۽ عوامي خدمتن ۾ نمايان بهتري آڻي سگهجي ٿي. ناڻي واري وزير ان سان اتفاق ڪندي چيو ته بهتر مالي استحڪام سبب پاڪستان کي معاشي ۽ ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت حاصل ٿي آهي جيڪو سڌارن جي اهميت کي وڌيڪ واضح ڪري ٿو. ملاقات ۾ صحت جي شعبي ۾ تعاون جي وڌيڪ امڪانن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي جن ۾ مقامي سطح تي ويڪسين جي تياري ۽ سپلائي چين کي مضبوط بڻائڻ جا معاملا شامل آهن. ٻنهي طرفن کان لاڳاپيل وزارتن ۽ حصيدارن سان مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن عملي ۽ پائيدار حل ڳولي سگهجن. ناڻي واري وزير ۽ بل گيٽس ايندڙ سالن ۾ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته اعتماد، گڏيل هدفن ۽ جامع ترقي لاءِ مضبوط حصيداري جي ذريعي پاڪستان جي سڌارن واري ڪوششن ۽ ڊگهي مدي واري سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو ويندو، بل گيٽس پاڪستان جي قيادت سان ملاقات تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته گيٽس فائونڊيشن ذريعي هو پاڪستان ۾ جاري ڪم ۾ ڀرپور شموليت برقرار رکندو.











