اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي انڪم ٽيڪس آرڊيننس (ٽئين ترميم) بل 2025ع اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. ان قانونسازي جو مقصد ٽيڪس بابت تڪرارن جي حل لاءِ متبادل نظام (اي ڊي آر) جي طريقيڪار کي وڌيڪ موثر ۽ شفاف بڻائڻ آهي. ناڻي، محصول ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني اهو بل ايوان ۾ پيش ڪندي ٻڌايو ته نئين قانون تحت اي ڊي آر ڪميٽي …
قومي اسيمبلي پاران انڪم ٽيڪس آرڊيننس (ٽئين ترميم) بل 2025ع اڪثريت راءِ سان منظور

مزید خبریں
اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي انڪم ٽيڪس آرڊيننس (ٽئين ترميم) بل 2025ع اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. ان قانونسازي جو مقصد ٽيڪس بابت تڪرارن جي حل لاءِ متبادل نظام (اي ڊي آر) جي طريقيڪار کي وڌيڪ موثر ۽ شفاف بڻائڻ آهي. ناڻي، محصول ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني اهو بل ايوان ۾ پيش ڪندي ٻڌايو ته نئين قانون تحت اي ڊي آر ڪميٽي جي چيئرمين جي مقرري جي عمل ۾ موجود خامين کي ختم ڪيو ويو آهي ته جيئن نظام جي شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي. هاڻي ٽيڪس ڏيندڙ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو ٻئي چئيرمين جي عهدي لاءِ ٽي ٽي نالا تجويز ڪندا، جيڪڏهن ڌرين وچ ۾ اتفاق راءِ نه ٿي سگهيو ته ٻنهي طرفن کان هڪ هڪ نالو قانون واري وزير ڏانهن موڪليو ويندو جيڪو حتمي فيصلو ڪندو. چيئرمين لاءِ ضروري آهي ته هو هاءِ ڪورٽ، وفاقي آئيني عدالت يا سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج هجي يا ٽيڪس يا ڪمرشل معاملن جو وسيع تجربو رکندڙ هجي. بلال اظهر ڪياني ايوان کي ٻڌايو ته ماضي ۾ چيئرمين جي مقرري جو مڪمل اختيار صرف ايف بي آر وٽ هو جنهن سان غيرجانبداري تي سوال اٿندا هئا. هن چيو ته نئين عمل سان ٽيڪس ڏيندڙ جي حقن جو تحفظ ٿيندو، عدالتن تي بار گهٽ ٿيندو ۽ اي ڊي آر اعتماد جوڳو ۽ گهٽ خرچ واري متبادل طور سامهون ايندو.











