ڪشمير ۽ فلسطين تي ڪوبه ٺاهه نه ٿيندو، بورڊ آف پيس ۾ شرڪت هر پاڪستاني جي دل جو آواز آهي: طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري واضح لفظن ۾ چيو آهي ته ڪشمير ۽ـ فلسطين تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو، بورڊ آف پيس ۾ شرڪت هر پاڪستاني جي دل جو آواز آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ بئريسٽر گوهر جي اعتراض واري نُڪتي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته ڪجهه قومي ۽ عالمي معاملا سياست کان مٿان هوندا آهن ۽ انهن …

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري واضح لفظن ۾ چيو آهي ته ڪشمير ۽ـ فلسطين تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو، بورڊ آف پيس ۾ شرڪت هر پاڪستاني جي دل جو آواز آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ بئريسٽر گوهر جي اعتراض واري نُڪتي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته ڪجهه قومي ۽ عالمي معاملا سياست کان مٿان هوندا آهن ۽ انهن تي فيصلا مسلم اُمت ۽ پاڪستان جي قومي مفاد کي سامهون رکي ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته بورڊ آف پيس ۾ پاڪستان جي شموليت صرف موجوده حڪومت جو پر هر پاڪستاني جي دل جي ويجهو آهي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته جڏهن به پاڪستان جي مفاد، مستقبل ۽ سلامتيءَ جي ڳالهه هوندي ته پوري قوم هڪ آواز ٿي سامهون ايندي. سندس چوڻ هو ته هن وقت عالمي منظرنامي تي 2 اهم ۽ حساس مسئلا بحث هيٺ آهن جن ۾ ڪشمير مسئلو ۽ فلسطين مسئلو سرفهرست آهن. پاڪستان هميشه انهن ٻنهي مسئلن تي گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي فورمز تي مؤثر انداز ۾ آواز اُٿاريو آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي پاڪستان عالمي برادريءَ سامهون هڪ نئين ڪليئر فليش پوائنٽس طور اجاگر ڪيو آهي، جڏهن ته غزه ۾ فلسطيني عوام خاص ڪري معصوم ٻارن تي ٿيل ظلمن جي مذمت نه صرف اسلامي دنيا پر سڄي دنيا ۾ مختلف مذهب ۽ مڪتبِ فڪر سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهن ۽ ملڪن ڪئي ۽ لکين ماڻهن ان ظلم خلاف احتجاج ڪيو. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب غزه مسئلي جو حل مستقل جنگبندي ۽ نئين سر تعمير آهي. پاڪستان ان حوالي سان هڪ واضح ۽ چِٽو مؤقف رکي ٿو ۽ هميشه فلسطيني عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندو آيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته بورڊ آف پيس ۾ پاڪستان جي شرڪت جو مقصد به مستقل جنگبندي ۽ غزه جي نئين سر تعمير جي حمايت آهي جنهن ۾ پاڪستان جو قومي مفاد مٿانهون رکيو ويو آهي، هي ڪنهن سياسي بحث جو معاملو ناهي پر قومي يڪجهتيءَ جو پيغام آهي جيڪو فلسطيني عوام ۽ پاڪستان جي عوام ٻنهي تائين پهچندو.

مزید خبریں