اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو آهي ته سيڙپڪاريءَ ۾ سهولتڪاري جي عمل دوران شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ مفادن جي ٽڪراءُ کي روڪڻ جي حوالي سان خصوصي سيڙپڪاري، سهولت ڪائونسل، تجويز ڪيل قانونن، پاليسين ۽ طريقيڪار موجب ضروري قدم کڻي رهي آهي. ايس آءِ ايف سي ذريعي ملڪ ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جي منصوبن ۽ معاهدن تي ڪم جاري آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ …
حڪومت سهولت ڪاري جي عمل دوران شفافيت کي يقيني بڻائڻ، پاليسين ۽ طريقيڪار موجب ضروري قدم کڻي رهي آهي: قومي اسيمبليءَ کي آگاهي

مزید خبریں
اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو آهي ته سيڙپڪاريءَ ۾ سهولتڪاري جي عمل دوران شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ مفادن جي ٽڪراءُ کي روڪڻ جي حوالي سان خصوصي سيڙپڪاري، سهولت ڪائونسل، تجويز ڪيل قانونن، پاليسين ۽ طريقيڪار موجب ضروري قدم کڻي رهي آهي. ايس آءِ ايف سي ذريعي ملڪ ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جي منصوبن ۽ معاهدن تي ڪم جاري آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران سيده شهلا رضا جي سوال تي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ايوان کي ٻُڌايو ته سيڙپڪاريءَ ۾ سهولت جي عمل دوران شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ مفادن جي ٽڪراءُ جي روڪٿام جي حوالي سان خصوصي سيڙپڪاري، سهولت ڪائونسل مڪمل طور آگاهه آهي ۽ تجويز ڪيل قانونن، پاليسين ۽ طريقيڪار موجب ضروري قدم کنيا پيا وڃن. ايس آءِ ايف سي بنيادي طور ملڪي معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرڏيهي ۽ مقامي سيڙپڪاريءَ جي سهولت ڪري ٿي ۽ سنگل ونڊو طور ڪم ڪري ٿي، مفادن جي ٽڪراءُ جي روڪٿام ۽ شفافيت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سمورا ضروري حفاظتي قدم موجود آهن. لاڳاپيل وزارتون ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ٿيون ته سموري سيڙپڪاري، تجويز ڪيل قانونن ۽ ضابطن موجب هجي. هن ٻُڌايو ته سيڙپڪاريءَ جي نظام ۽ـ شفافيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ وفاقي حڪومت ايس آءِ ايف سي ذريعي آسان ڪاروبار پاڪستان ريگيوليٽري ماڊرنائزيشن قدمن سيڙپڪاري پاليسي 2023ع ۽ نظرثاني ٿيل ويزا پاليسيءَ سميت ڪيترين ئي پاليسين تي قدم کنيا آهن. هن ٻُڌايو ته ايس آءِ ايف سي ذريعي ملڪ ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جي منصوبن ۽ معاهدن تي ڪم جاري آهي. شرميلا فاروقي جي سوال تي ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته ايس آءِ ايف سي حڪومت جو حصو آهي ۽ هي ادارو سيڙپڪاريءَ ۾ سهولتن جي حوالي سان واپارين ۽ سيڙپڪارن سان رابطي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ايس آءِ ايف سي جي اپيڪس ڪميٽي به موجود آهي، ڪوبه حڪومتي فيصلو ڪابينه جي منظوريءَ سان اڳتي وڌي ٿو. مرزا اختيار بيگ جي سوال تي مملڪتي وزير ايوان کي ٻُڌايو ته ايس آءِ ايف سي پنهنجي پاڻ کي شعبه جاتي انداز ۾ منظم ڪيو آهي. گرين پاڪستان انيشيئٽو ۾ ايس آءِ ايف سي قومي غذائي تحفظ واري وزارت ۽ صوبائي حڪومتن سان ڪم ڪري رهي آهي، اهڙيءَ طرح ريڪوڊڪ منصوبن ۾ پيٽروليم واري وزارت ۽ ريلوي واري وزارت سان مصروف آهي.











