ڪوهستان اپر پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جو داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ غير ملڪين جي سيڪيورٽيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل انٽيليجنس بيسڊ آپريشن

ايبٽ آباد-22 جنوري (اي پي پي) ڪوهستان اپر پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ غير ملڪين جي سيڪيورٽيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ داسو ٿاڻي جي حد ۾ چائينز ڪيمپ ۽ ڀرپاسي ۾ گڏيل انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. اپر ڪوهستان پوليس جي ترجمان موجب آپريشن علائقي ۾ سيڪيورٽيءَ کي وڌيڪ سخت ۽ ڪنهن به امڪاني تخريبڪاري جي خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو، جنهن …

ايبٽ آباد-22 جنوري (اي پي پي) ڪوهستان اپر پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ غير ملڪين جي سيڪيورٽيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ داسو ٿاڻي جي حد ۾ چائينز ڪيمپ ۽ ڀرپاسي ۾ گڏيل انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. اپر ڪوهستان پوليس جي ترجمان موجب آپريشن علائقي ۾ سيڪيورٽيءَ کي وڌيڪ سخت ۽ ڪنهن به امڪاني تخريبڪاري جي خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو، جنهن ۾ پوليس، ايس ايس يو ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن شرڪت ڪئي. گڏيل ڪارروائيءَ جو مقصد حساس هنڌن ۽ پرڏيهي ماهرن جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ هو ته جيئن امن امان جي صورتحال کي برقرار رکي سگهجي. ترجمان چيو ته اهڙيءَ طرح جا انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز جاري رهندا ته جيئن ملڪ دشمن ڌُرين جي ڪنهن به مڪروه ڪوشش کي ناڪام بڻائي سگهجي.

مزید خبریں