پشاور-22 جنوري (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن خيبر پختونخوا جي صدر گل نواز آفريدي جي اڳواڻيءَ ۾ وفد گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب وفد ۾ خيبر پختونخوا جي سمورن ڊويزنن مان وائيس چيئرمين، صدر ۽ ايگزيڪيوٽو ميمبر شامل هئا. وفد گورنر کي پيٽروليم برادريءَ جي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ کيس ٻُڌايو ته …
ڪي پي ڪي جي گورنر سان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن ڪي پي ڪي جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
پشاور-22 جنوري (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن خيبر پختونخوا جي صدر گل نواز آفريدي جي اڳواڻيءَ ۾ وفد گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب وفد ۾ خيبر پختونخوا جي سمورن ڊويزنن مان وائيس چيئرمين، صدر ۽ ايگزيڪيوٽو ميمبر شامل هئا. وفد گورنر کي پيٽروليم برادريءَ جي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ کيس ٻُڌايو ته صوبائي انتظاميه قانوني پيٽرول پمپن کي فارم جي تجديد نه ٿيڻ تي تنگ ڪري رهي آهي جڏهن ته هي معاملو حڪومت ۽ تيل ڪمپنين جو آهي، ان ۾ ڊيلر جو ڪوبه عمل دخل ناهي. هنن چيو ته جنهن پيٽرول پمپ وٽ ڊپٽي ڪمشنر جي اين او سي آهي ان کي قانوني پمپ مڃيو وڃي ۽ ان خلاف ڪارروائي بند ڪئي وڃي. گورنر لاڳاپيل عملدارن کي ان سلسلي ۾ پيٽروليم ايسوسيئيشن جي جائز مطالبن جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻ جي هدايت جاري ڪئي. هن چيو ته خيبر پختونخوا جي ڪاروباري طبقو انتهائي مشڪل حالتن ۾ ڪاروبار ئي نه ڪري رهيو آهي پر عوام کي سهولتون به فراهم ڪري رهيو آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان جا واپاري اسان جا هيروز آهن، مان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت گورنر هائوس مان ڪاروباري طبقي کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائيندس.











