ڊيووس - 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير عالمي اڳواڻن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيا

مزید خبریں
ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس ۾ شريڪ آهي. ان موقعي تي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان خوشگوار ماحول ۾ غيررسمي ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ مارڪو روبيو ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان مليا. فورم ۾ شريڪ اڳواڻن سان وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي غيررسمي ملاقاتن دوران مسڪراهٽن جي ڏي وٺ ٿي ۽ گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي. وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي عالمي اقتصادي فورم ۾ خصوصي خطاب ۾ پڻ شرڪت ڪئي.











