پاڪستان، آمريڪا، ترڪيه، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ انڊونيشيا سميت مختلف ملڪن غزه امن بورڊ جي چارٽر تي صحيحون ڪري ڇڏيون

ڊيووس - 22 جنوري (اي پي پي) پاڪستان، آمريڪا، ترڪيه، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ انڊونيشيا سميت مختلف ملڪن غزه امن بورڊ جي چارٽر تي صحيحون ڪري ڇڏيون. ڪالهه خميس ڏينهن عالمي اقتصادي فورم جي 56هين اجلاس جي موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ميزباني ۾ غزه امن بورڊ ۾ شامل ملڪن جي اجلاس ۾ غزه امن بورڊ جي چارٽر تي صحيحون ڪيون ويون. صحيحون ڪندڙ ملڪن ۾ …

ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) پاڪستان، آمريڪا، ترڪيه، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ انڊونيشيا سميت مختلف ملڪن غزه امن بورڊ جي چارٽر تي صحيحون ڪري ڇڏيون. ڪالهه خميس ڏينهن عالمي اقتصادي فورم جي 56هين اجلاس جي موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ميزباني ۾ غزه امن بورڊ ۾ شامل ملڪن جي اجلاس ۾ غزه امن بورڊ جي چارٽر تي صحيحون ڪيون ويون. صحيحون ڪندڙ ملڪن ۾ پاڪستان، آمريڪا، آرمينيا، ارجنٽائن، آذربائيجان، بلغاريه، انڊونيشيا، هنگري، قازقستان، اردن، ڪوسوو، پيراگوئي، قطر، سعودي عرب، ترڪيه، گڏيل عرب امارات، ازبڪستان ۽ منگوليا شامل آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف عزه امن بورڊ جي چارٽر تي صحيحن جي لاءِ آيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سندس خاص طور تي ٿورا ادا ڪيا. ان موقعي تي آمريڪي صدر ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ٻئي اڳواڻ ڪجهه دير تائين ڳالهه ٻولهه ڪندا رهيا. ان کان اڳ غزه امن بورڊ جي چارٽر تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته بورڊ آف پيس ۾ برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم ٽوني بليئر جو انتهائي اهم ڪردار آهي، وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪوششن ۽ امن ڪوششن جي ڪاميابي جي لاءِ پراميد آهيون. هن چيو ته غزه امن بورڊ ۾ ڪيترائي ملڪ شامل ٿيڻ چاهين ٿا، امن بورڊ ۾ شموليت اختيار ڪندڙ ملڪن جو ٿورائتو آهيان، غزه کي بهترين سياحتي مرڪز بڻائينداسين. هن امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته مون 10 مهينن ۾ 8 جنگيون بند ڪرايون، ٻن ائٽمي ملڪن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ روڪرائي، پاڪستان جي وزيراعظم مون کي چيو ته مون 10 ملين جانيون بچايون آهن، جنگيون روڪرائڻ کانپوءِ ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه منهنجا دوست بڻجي ويا. هن چيو ته ٿائيلينڊ ۽ فلپائن، اسرائيل ۽ ايران، مصر ۽ اٿوپيا، آذربائيجا ۽ آرمينيا جي وچ ۾ اسان جنگ بند ڪرائي، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اڄ دنيا امير، محفوظ ۽ پرامن آهي. هن چيو ته ايران سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهيون. ان موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته اڄ جو ڏينهن تمام اهم آهي، صدر ٽرمپ بلڪل صحيح چيو آهي ته اسان ڪيترائي ناممڪن ڪم ڪيا آهن، صدر ٽرمپ جو دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان اڄ اهم ڏينهن آهي، عالمي اڳواڻ امن جي لاءِ گڏ ٿيا آهن، سمورن عالمي اڳواڻن جو مقصد غزه م امن قائم ڪرڻ آهي. هن چيو ته دنيا ۾ تڪرارن کي هن معاهدي جي ڏس ۾ حل ڪري سگهجي ٿو. غزه امن بورڊ جو مقصد مستقل جنگبندي کي مستحڪم ڪرڻ، غزه جي نئين سر تعمير ۾ معاونت فراهم ڪرڻ ۽ عالمي قانون موجب فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ رياست قائم ڪرڻ تي ٻڌل هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار امن کي فروغ ڏيڻ آهي ته جيئن خطي جي سمورن ملڪن ۽ عوام جي لاءِ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي راهه هموار ٿئي. تقريب ۾ غزه امن معاهدي جي حوالي سان عالمي اڳواڻن جي پيغامن جو وڊيو پڻ نشر ڪئي وئي.

مزید خبریں