اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي موجوده دور جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، پاڪستان جو ڪاربن جي نيڪال ۾ انتهائي معمولي حصو آهي، پاڪستان جو شمار موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ملڪن ۾ ٿئي ٿو، ڀارت چوي ٿو ته اسان سنڌ طاس معاهدي کي نٿا مڃون، پاڻي روڪي وٺنداسين، …
موسمياتي تبديلي موجوده دور جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي: وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي موجوده دور جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، پاڪستان جو ڪاربن جي نيڪال ۾ انتهائي معمولي حصو آهي، پاڪستان جو شمار موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ملڪن ۾ ٿئي ٿو، ڀارت چوي ٿو ته اسان سنڌ طاس معاهدي کي نٿا مڃون، پاڻي روڪي وٺنداسين، ڀارت کي سوچڻ گهرجي ته سندس پاڻي به ٻين ملڪن مان اچي رهيو آهي، ڀارت پهرين به پاڪستان سان هٿ چراند ڪري ان جو نتيجو ڀوڳي چڪو آهي، پاڻي روڪي ڇڏيندو ته ٻوڏ ايندي ۽ پاڻي کي روڪيندا ته ڏڪار ايندو. گذريل ڏينهن هتي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ پاڪستان کي مختلف قدرتي آفتن سبب شديد جاني ۽ مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو، ٻوڏ سبب وڏي تعداد ۾ اثاثا تباهه ٿيا، ان باوجود متاثر ملڪن کي گرين فنانسنگ مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ وڌيڪ چيو ته عالمي سطح تي ٻٽو معيار موجود آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ موجود ٻه ملڪ دنيا جي 40 سيڪڙو ڪاربن جي اخراج جا ذميوار آهن، جنهن جي نتيجي ۾ گرمي پد ۾ اضافو ۽ گليشيئرز ڳرڻ سبب وڏي پئماني تي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ اچي ٿي، جن جي نتيجي ۾ ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿين ٿا.هن چيو ته دنيا جا 10 ملڪ گڏيل طور تي 75 سيڪڙو ڪاربن پيدا ڪن ٿا جڏهن ته اهي ئي ملڪ دنيا جي 85 سيڪڙو گرين فنانسنگ به حاصل ڪري رهيا آهن، اهڙين حالتن ۾ باقي 180 ملڪ ڇا ڪندا. ڊاڪٽر مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن کربين ڊالرن جي معيشت ٺاهڻي آهي ته ڪجهه ماڻهن جي هڪ هٽي کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پلورلزم ڊيموڪيٽائيزيشن آف ايڪسس ڊيموڪيٽائيزيشن آف ڪيپيٽل فرسٽ ڪامپٽيشن ٽريلين ڊالرز اڪانومي جو بنيادي خاڪو آهي جنهن جو حل وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳ ئي پيش ڪري چڪو آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ٻن قسمن جون معيشتون آهن، هڪ ٻهراڙي ۽ ٻي شهري، ٻهراڙي جي معيشت جي حوالي سان وزيراعظم جون ٻه اهم حڪمت عمليون آهن، پهرين حڪمت عملي زرعي پيداوار بابت آهي، جنهن ۾ سيڊ مافيا جو خاتمو، سڄي دنيا مان بهترين ٻج گهرائي هارين کي مفت فراهم ڪرڻ، پاڻي، ٻج ۽ ڀاڻ جي نظام کي بهتر بڻائڻ تي زور ڀريو ويو آهي ته جيئن هڪ ايڪڙ مان پنجوڻ تي وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگهجي ۽ ڀاڻ جو فائدو سڌي ريت هاري کي ملي. نه رڳو ڀاڻ ٺاهڻ وارين ڪمپنين کي. ٻي حڪمت عملي تحت ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هر ڳوٺ اندر ننڍا صنعتي يونٽ جيئن جيم بڻائڻ جا ڪارخانا، پرزرويشن يونٽس ۽ ڪولڊ اسٽوريج جو قيام آهي ته جيئن زرعي پيداوار جو نقصان گهٽائي سگهجي. هن چيو ته جيڪڏهن ننڍا ڪارخانا ٻهراڙي وارن علائقن ۾ لڳي وڃن، انهن ۾ سولر انرجي ۽ بيٽري سالوشنز شامل هجن، ته کربين ڊالرن جي معيشت جو خواب حقيقت بڻجي سگهي ٿو. شهري معيشت جي حوالي سان هن چيو ته حڪمت عملي ٻن حصن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ سمال ٽو ميڊيم انٽرپرائيز کي سرمايو فراهم ڪرڻ شامل آهي، ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو خواب آهي ته پاڪستان جو عوام باعزت ۽ باوقار زندگي گذاري.











