واپار واري وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ٽريڊ آرگنائزيشنزپاران واپاري ادارن جي نالي جي غلط استعمال خلاف تنبيهه، پبلڪ نوٽيس جاري

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي)واپار واري وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ٽريڊ آرگنائزيشنز هڪ پبلڪ نوٽيس جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ماڻهن ۽ گروپن کي تحفظ يافته واپاري ادارن جي نالن جي غير قانوني استعمال خلاف تنبيهه ڪئي وئي آهي. نوٽيس ۾ ڊي جي ٽي او عوام کي ياد ڏياريو آهي ته ٽريڊ آرگنائيزيشن ايڪٽ 2013 (TOA 2013)تحت پاڪستان ۾ واپاري ادارن کي لائسنس ۽ ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ هي …

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي)واپار واري وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ٽريڊ آرگنائزيشنز هڪ پبلڪ نوٽيس جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ماڻهن ۽ گروپن کي تحفظ يافته واپاري ادارن جي نالن جي غير قانوني استعمال خلاف تنبيهه ڪئي وئي آهي. نوٽيس ۾ ڊي جي ٽي او عوام کي ياد ڏياريو آهي ته ٽريڊ آرگنائيزيشن ايڪٽ 2013 (TOA 2013)تحت پاڪستان ۾ واپاري ادارن کي لائسنس ۽ ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ هي واحد ريگوليٽري اٿارٽي آهي. ايڪٽ جي سيڪشن 3(1) جو حوالو ڏيندي ريگوليٽر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪو به ادارو وفاقي حڪومت جي لائسنس کانسواءِ واپاري اداري طور ڪم نٿو ڪري سگهي. ڊي جي ٽي او 2013 جي سيڪشن 5 (3) جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن به اداري جي نالي يا عنوان ۾ فيڊريشن، چيمبر يا ايسوسيئيشن جي اصطلاحات جو استعمال سختي سان منع آهي جيستائين اهي ادارا ڊي جي ٽي او کان لائسنس يافته ۽ رجسٽرڊ نه هجن.

مزید خبریں