وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي 23 جنوري تائين ملتوي

اسلام آباد - 22 جنوري (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت سپر ٽيڪس بابت اھم آئيني ڪيس جي ٻڌڻي جمعو 23 جنوري تائين ملتوي ڪئي آھي. خميس ڏينهن چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراھي ۾ جسٽس حسن اظھر رضوي ۽ جسٽس سيد ارشد شاھه تي ٻڌل 03 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران فوجي فرٽيلائيزرز ۽ ٻين ڪمپنين جي وڪيل جمال احمد پنھنجا دليل مڪمل ڪيا. وڪيل موقف …

اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت سپر ٽيڪس بابت اھم آئيني ڪيس جي ٻڌڻي جمعو 23 جنوري تائين ملتوي ڪئي آھي. خميس ڏينهن چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراھي ۾ جسٽس حسن اظھر رضوي ۽ جسٽس سيد ارشد شاھه تي ٻڌل 03 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران فوجي فرٽيلائيزرز ۽ ٻين ڪمپنين جي وڪيل جمال احمد پنھنجا دليل مڪمل ڪيا. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته آئين تحت فنانس ايڪٽ کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ وفاق جي باقاعده توثيق ضروري ھوندي آھي. وڪيل جمال احمد عدالت کي اپيل ڪئي ته سپر ٽيڪس بابت فنانس ايڪٽ جو سيڪشن 4 سي ضابطي خلاف آھي،جنھن جي ڪري ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. چيف جسٽس امين الدين خان سوال پڇيو ته ھن وقت ڪمپنيون ڪيترو ٽيڪس ادا ڪري رھيون آھن؟ جنھن تي وڪيل جواب ڏنو ته ھن وقت ڪمپنيون مجموعي طور 40 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري رھيون آھن. وڪيل وڌيڪ دليل ڏيندي چيو ته ٽيڪس جي وصولي سال جي شروع کان ئي شروع ڪئي ويندي آھي ۽ سال جي پڄاڻي جو انتظار ناھي ڪيو ويندو. ھن چيو ته عام طور مقرر حد کان وڌيڪ رقم تي ٽيڪس لاڳو ٿئي ٿو، جڏھن ته سپر ٽيڪس جي معاملي ۾ جيڪڏھن ھڪ روپيو به مقرر ڪيل حد کان وڌي ويندو آھي ته سموري رقم تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو آھي. عدالت کي ٻڌايو ويو ته مختلف ڪمپنين پاران مقرر ڪيل وڪيل شھزاد الھيٰ ايندڙ ٻڌڻي تي پنھنجا دليل ڏيندو جڏھن ته فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جو وڪيل عاصم حامد به اڄ جمعي ڏينھن عدالت ۾ دليل پيش ڪندو.

مزید خبریں