وفاقي آئيني عدالت سرڪاري ملازمن جي ٻارن جي ملازمت بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت سرڪاري ملازمن جي وفات کانپوءِ سندن ٻارن کي ملازمت ڏيڻ جي ڪوٽا بابت اهم ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي منع نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ سنڌ حڪومت جي اپيل تي شروعاتي ٻڌڻي کانپوءِ سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي …

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت سرڪاري ملازمن جي وفات کانپوءِ سندن ٻارن کي ملازمت ڏيڻ جي ڪوٽا بابت اهم ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي منع نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ سنڌ حڪومت جي اپيل تي شروعاتي ٻڌڻي کانپوءِ سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جو سال 2024ع جو فيصلو ماضي کان لاڳو عمل نه ڪيو ويو پر ان جو لاڳو مخصوص قانوني دائري ڪار ۾ آهي. سنڌ حڪومت جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو هو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه ته مستقبل ۾ لاڳو ٿيندو ۽ نه ئي التوا ۾ پيل معاملن تي، جڏهن ته اها تشريح درست ناهي. سنڌ حڪومت جي وڪيل وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ماضي جي فيصلن ۽ پهرين کان طئي ٿيل معاملن کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي درست تشريح ناهي ڪئي. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

مزید خبریں