ڊيووس - 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روانگي واپار تي ٻڌل ترقي حاصل ڪرڻ ۽ سماجي انگن اکرن کي مسلسل گڏيل ڪوششن سان بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان زراعت، صنعت، کاڻين جي کوٽائي، اي آءِ ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تيزي سان اڏار ڀرڻ وارو آهي، حڪومت مڪمل شفافيت سان اڳتي وڌي رهي آهي، سياسي قيادت ۽ عسڪري قيادت …
روانگي واپار تي ٻڌل ترقي حاصل ڪرڻ ۽ سماجي انگن اکرن کي مسلسل گڏيل ڪوششن سان بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
ڊيووس – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روانگي واپار تي ٻڌل ترقي حاصل ڪرڻ ۽ سماجي انگن اکرن کي مسلسل گڏيل ڪوششن سان بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان زراعت، صنعت، کاڻين جي کوٽائي، اي آءِ ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تيزي سان اڏار ڀرڻ وارو آهي، حڪومت مڪمل شفافيت سان اڳتي وڌي رهي آهي، سياسي قيادت ۽ عسڪري قيادت جي وچ ۾ مڪمل هم آهنگي اهي، ملڪي نظام ۾ بنيادي ڍانچاجاتي سڌارا آندا ويا آهن، روينيو گڏ ڪرڻ جي نظام کي مڪمل ڊيجيٽائيز ڪيو پيو وڃي، مهانگائي جي شرح 30 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 5.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي، پاليسي ريٽ 22.5 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 10.5 سيڪڙو ٿي ويو آهي، جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس وصولي جي شرح 10.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي، چين سان اسان جا مضبوط معاشي رابطا آهن، هاڻي اسان آمريڪا سان لاڳاپا قائم ڪيا آهن، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي جي ترقي جي لاءِ آمريڪي ۽ چيني ڪمپنين سان معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن، گذريل ڪجهه سالن ۾ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ نمايان بهتري ٿي آهي، نوجوان نسل کي فني ۽ پيشيواراڻي تربيت جي ذريعي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن، پي آءِ اي جي شفاف نجڪاري کانپوءِ ٻين ادارن جي نجڪاري طرف وڌي رهيا آهيون، بي لوث قربانين، اڻٿڪ محنت ۽ فڪر ۽ عمل جي وحدت سان ملڪ جي خدمت جي لاءِ پرعزم رهياسين ته تمام جلد پنهنجي منزل تائين پهچي وينداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار عالمي اقتصادي فورم جي 56هين سالياني اجلاس جي موقعي تي پاڪستان پويلين ۾ پاڪستان بريڪ فاسٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هتي موجودگي واقعي تمام وڏو اعزاز ۽ خوشي جي ڳالهه آهي، پاڪستان هاڻي ڪاميابي جي احساس ۽ هڪ مقصد سان اڳتي وڌي رهيو آهي، اسان جا وڏا معاشي انگ اکر تمام گهڻا اطمينان جوڳا آهن، مهانگائي جي شرح 30 سيڪڙوک ان گهٽ ٿي 5.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي، اسان جو پاليسي ريٽ انتهائي بلند سطح 22.5 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 10.5 سيڪڙو ٿي ويو آهي، اسان جو آءِ ٽي روانگي واپار اطمينان جوڳي رفتار سان وڌي رهيو آهي، جيڪڏهن اسان جو مجموعي روانگي واپار مختلف قسم جي چئلينجز کي منهن ڏيندو رهيو آهي ۽ يقيني طور تي اسان جي سماجي انگن اکرن کي گڏيل ڪوششن سان بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي تنهن هوندي به اڳتي وڌڻ جو رستو بلڪل واضح آهي، پاڪستان کي روانگي واپار تي ٻڌل ترقي حاصل ڪرڻي پوندي، اسان پنهنجي نظام ۾ بنيادي ڍانچاجاتي تبديليون آنديون آهن، روينيو گڏ ڪرڻ جي نظام ۾ بنيادي تبديليون ڪيون آهن ۽ هاڻي ان کي مڪمل ڊيجيٽائيز ڪيو پيو وڃي، جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس وصولي جي شرح 10.5 سيڪڙو آهي جيڪا ڪجهه سال اڳ 9 سيڪڙو هئي، اها هڪ اهم ڪاميابي آهي، گذريل سال اسان جو زرعي روانگي واپار تمام گهڻو اطمينان جوڳو رهيو آهي، هاڻي اسان کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي ڪاروبار ۾ وڏي پئماني تي داخل ٿي چڪا آهيون، اسان آمريڪي ڪمپنين ۽ چيني ڪمپنين سان معاهدا ڪيا ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن، پاڪستان کي الله تعاليٰ لامحدود قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، اهي قدرتي وسيلا هاڻي به پاڪستان جي اترئين جبلن گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دفن آهن، هاڻي اسان تيز رفتاري سان اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ڪرپٽو، اي آءِ ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ به تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون، گذريل ڪجهه سالن ۾ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ نمايان بهتري ٿي آهي، ان ڏس ۾ اسان ڪيترائي جديد اوزار آندا آهن جن آءِ ٽي روانگي واپار کي آسان بڻايو آهي ۽ اسان جو آءِ ٽي روانگي واپار باضابطا طور تي ساليانو 3 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي نوجوانن جو وڏو انگ هڪ چئلينج سان گڏوگڏ اسان جي لاءِ هڪ وڏو موقعو به آهي، پاڪستان حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي نوجوان نسل کي فني ۽ پيشيواراڻي تربيت جي ذريعي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن، نيوٽيڪ وفاقي سطح جو هڪ ادارو آهي جيڪو اسان جي نوجوان نسل کي جديد تربيت فراهم ڪري ٿو، اهو تربيتي پروگرام غيرجانبدار ادارن کان باقاعده تصديق ٿيل آهي ۽ عالمي طور تي سرٽيفائيڊ پڻ آهي، ان جي نتيجي ۾ اسان جي نوجوان نسل نار ملڪن ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ بهترين نوڪريون حاصل ڪري رهي آهي ڇو ته اهي انتهائي قابليت رکندڙ ۽ بهترين تربيت يافته آهن ۽ پنهنجي شعبي جي عالمي ڪمپنين کان سرٽيفائيڊ پڻ آهن. هن چيو ته چين سان اسان جا مضبوط معاشي رابطا آهن ۽ هاڻي اسان آمريڪا سان لاڳاپا قائم ڪيا آهن، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ وڏي پئماني تي تعاون جي اميد آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جڏهن ته آءِ ٽي ۽ اي آءِ ۾ اسان هڪ ٻئي سان وڏي پئماني تي تعاون ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اهڙي مقام تي بيٺل آهي، جتي اسان زراعت، صنعت، کاڻين جي کوٽائي، اي آءِ ۽ آءِ ٽي ۾ تيزي سان اڏار ڀرڻ وارا آهيون، اسان جو مستقبل تمام اميد جوڳو آهي، مون کي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي. وزيراعظم چيو ته انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي پاڪستان جي طاقت تي يقين رکن ٿا، انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هي حڪومت مڪمل شفافيت سان اڳتي وڌي رهي آهي، مثال جي طور تي هينئر اسان پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري ڪئي آهي جيڪو هڪ قومي اثاثو آهي، بدقسمتي سان گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان ان کي مسلسل خسارو درپيش هو ۽ هاڻي ان کي پاڪستان جي نجي شعبي جي ذريعي اڳتي وڌايو ويو آهي، اها نجڪاري مڪمل طور تي شفاف هئي ۽ نجڪاري جي هر رخ کي پوري دنيا ۾ سڌوسنئون ڏيکاريو ويو، اهڙي طرح پوري قوم پهريون ڀيرو پنهنجي اکين سان ڏٺو ته اها ڏيتي ليتي ڪيتري قدر شفاف هئي ۽ ان جي شفافيت تي ذري برابر به ڪو سوال يا اعتراض سامهون نه آيو، منهنجو خيال آهي اها ئي اسان جي سڃاڻپ آهي، هاڻي اسان نجڪاري جي ٻين ادارن ۾ به اڳتي وڌي رهيا آهيون جن ۾ هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ، بجلي جي شعبي جي نجڪاري، ورڇ ڪندڙ ڪمپنين، پهچ لائينون وغيره شامل آهن جڏهن ته اها ڳالهه به صحيح آهي ته انتهائي سخت آءِ ايم ايف پروگرام جي نتيجي ۾ جنهن تي اسان مڪمل ۽ پوري ديانتداري سان عمل ڪيو آهي، آءِ ايم ايف هاڻي هنن ڏينهن ۾ خاصي احتياط سان پاڪستان جي ڪاميابي جي مثال کي ٻين ملڪن جي لاءِ هڪ مثال طور پيش ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته هاڻي اسان کي ترقي طرف وڌڻو آهي. وزيراعظم چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز تان عام ماڻهو کي غيرمعياري شيون فراهم ڪيون وينديون هيون، اهو ادارو مڪمل طور تي بند ڪيو ويو ۽ ان سان ٿيندڙ مالي نقصان سدائين جي لاءِ ختم ٿي ويو آهي ڇو ته پاڪستان جي غريب عوام جا اربين رپيا ضايع ٿي رهيا هئا، اهڙي طرح پاسڪو کي به ختم ڪيو ويو آهي، هتي به غريب عوام جا اربين رپيا ضايع ٿي رهيا هئا، اهڙي طرح پاڪستان ورڪس ڊپارٽمينٽ (پي ڊبليو ڊي) کي پڻ ختم ڪيو ويو، ان دوران مشڪلاتون به پيش آيون، مفاد پرست عنصرن پاران احتجاج جي صورت ۾ دٻاءُ به آيو پر اسان پنهنجي عزم تي بلڪل ثابت قدم رهياسين ڇو ته جيڪڏهن اسان اهي قدم نه کڻون ها ته نه پاڻ سان انصاف ٿئي ها ۽ نه ئي پاڪستان جي عوام سان. وزيراعظم چيو ته اهو عمل انتهائي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته جيستائين اسان ان مشڪل پر لازمي قدمن جي ذريعي پنهنجي معيشت کي پهچندڙ قنصان کي نه روڪيون ها اسان جي معيشت مضبوط بنيادن تي بيهي نه سگهي ها، منهنجو خيال آهي ته اهو سڀ گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي، اهي ڪاميابيون گڏيل محنت ۽ ٽيم ورڪ جي ذريعي حاصل ٿيون آهن. وزيراعظم چيو ته ان جو مطلب سياسي قيادت ۽ عسڪري قيادت جي وچ ۾ مڪمل هم آهنگي آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي وڌندڙ قرضن ڀلي اهي ٻاهريان هجن يا اندروني انهن مان نڪرڻو آهي، جيڪڏهن اسان کي غربت ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي آڻڻي آهي ۽ جيڪڏهن اسان کي پنهنجي کي هر لمحي خوشحال ۽ ترقي يافته بڻائڻو آهي ته مختلف لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ هم آهنگي، احساس ملڪيت ۽ اڳتي وڌڻ جي واضح مقصد جو هجڻ لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هن وقت هڪ اهڙي موڙ تي بيٺل آهي جتي هو ترقي جي لحاظ کان اڏار ڀرڻ وارو ئي آهي ڇو ته اسان 24 ڪروڙ آبادي وارو ملڪ آهيون، اسان وٽ نوجوانن جو وڏو انگ آهي جيڪو هڪ وڏو چئلينج به آهي ۽ هڪ سنهري موقعو به آهي، اسان ان ڳالهه جي لاءِ پرعزم آهيون ته نوجوانن کي سمورا وسيلا ۽ موقعا مهيا ڪيا وڃن جيڪي اسان جي ملڪ کي عظيم بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين، رستي ۾ چئلينج به ايندا، سفر آسان نه هوندو پر جيستائين اسان بي لوث قربانين، اڻٿڪ محنت ۽ فڪر ۽ عمل جي وحدت سان ملڪ جي خدمت جي لاءِ پرعزم رهنداسين، مون کي ڪو شڪ نه آهي ته اسان تمام جلد پنهنجي منزل تائين پهچي وينداسين.











