قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي اختيار ولي خان جي رهائشگاهه آمد، والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، ڪي پي ڪي جي سڌ سماءَ جي معاملن بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان جي رهائشگاهه پهچي سندس والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق اسيپڪر سردار اياز صادق، اختيار ولي خان ۽ سندس ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ـ چيو ته والدين جو وڇڙڻ نه ڀرجڻ …

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، ڪي پي ڪي جي سڌ سماءَ جي معاملن بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان جي رهائشگاهه پهچي سندس والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق اسيپڪر سردار اياز صادق، اختيار ولي خان ۽ سندس ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ـ چيو ته والدين جو وڇڙڻ نه ڀرجڻ جو خال ۽ عظيم صدمو آهي. ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ اختيار ولي خان ۽ سندس ڪٽنب جي ڏُک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. اسپيڪر الله تعاليٰ کان مرحومه جي بلند درجن ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي.

مزید خبریں