ڊيووس-21 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاليسيءَ ۾ تسلسل ۽ سڌارن جو واضح روڊ ميپ پاڪستان جي معاشي حڪمت عملي جا بنيادي ٿنڀ آهن، حڪومت ڊجيٽل ايڪو سسٽم کي مضبوط بڻائڻ لاءِ فعال طور تي ڪم ڪري رهي آهي. اها ڳالهه هن ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ادائگين جي عالمي ڪمپني ويزا جي گروپ صدر اوليور جينڪن …
پاليسيءَ ۾ تسلسل ۽ سڌارن جو واضح روڊ ميپ پاڪستان جي معاشي حڪمت عملي جا بنيادي ٿنڀ آهن: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
ڊيووس-21 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاليسيءَ ۾ تسلسل ۽ سڌارن جو واضح روڊ ميپ پاڪستان جي معاشي حڪمت عملي جا بنيادي ٿنڀ آهن، حڪومت ڊجيٽل ايڪو سسٽم کي مضبوط بڻائڻ لاءِ فعال طور تي ڪم ڪري رهي آهي. اها ڳالهه هن ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ادائگين جي عالمي ڪمپني ويزا جي گروپ صدر اوليور جينڪن سان ملاقات ۾ ڪئي. ملاقات ۾ ڊجيٽل ادائگين، مالياتي جدت ۽ پاڪستان جي هڪ جديد ڊجيٽل طور تي بااختيار معيشت طرف منتقليءَ ۾ سهڪار کي مضبوط بنائڻ جو جائزو ورتو ويو. ڌُرين پاڪستان جي بدلجندڙ معاشي منظرنامي ۽ عالمي ادائگي نيٽ ورڪس سان جاري رابطن تي ڳالهيون ڪيون. اوليور جينڪن پاڪستان لاءِ ويزا جي ڊگهي مُدي واري عزم جي توثيق ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪمپني جدت، محفوظ ادائگي جي حل ۽ علم جي منتقليءَ ذريعي ملڪ جي ايندڙ مرحلي جي ترقيءَ ۾ معاونت لاءِ ڀرپور دلچسپي رکي ٿي. هن ڊجيٽل ادائگين طرف عالمي رجحان جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ وضاحت ۽ سازگار ماحول جي موجودگي نهايت اهم آهي ته جيئن عالمي ڀائيوار وڏي پيماني تي جدت کي مارڪيٽ تائين پهچائي سگهن. ناڻي واري وزير ويزا جي مسلسل شموليت جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاليسيءَ ۾ تسلسل ۽ سڌارن جو واضح روڊ ميپ پاڪستان جي معاشي حڪمت عملي جا بنيادي ٿنڀ آهن. هن ٻُڌايو ته حڪومت ڊجيٽل ايڪو سسٽم کي مضبوط بڻائڻ لاءِ فعال طور تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن ۾ رابطي ڪاري، مالياتي بنيادي ڍانچي ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ ۾ بهتري شامل آهي ته جيئن جدت ۽ نجي شعبي جي شموليت کي هٿي وٺرائي سگهجي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي ادائگي نيٽ ورڪس ۽ مقامي حل وچ ۾ سهڪار، مالي شموليت ۽ ڊجيٽل ايڊاپٽيشن جي عمل کي تيز ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن معيشت ۾ شفافيت کي هٿي وٺرائڻ، دستاويزي عمل ۽ مختلف شعبن ۾ ڊجيٽلائيزيشن لاءِ پاڪستان جي جاري ڪوششن تي به روشني وڌي ۽ چيو ته اهي سڌارا اعتماد جوڳن عالمي ۽ ريگيوليٽري ادارن جو قيام حڪومت جي ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته پاڪستان کي هڪ ڊجيٽل نيشن طور پيش ڪيو وڃي جيڪو جدت جي حوصلا افزائيءَ سان گڏوگڏ معاشي استحڪام جو تحفظ به ڪري سگهي. اوليور جينڪن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ويزا جهڙا عالمي پليٽ فارمز سيڪيورٽي جي اعليٰ معيارن، مضبوطي ۽ حل کي تيزيءَ سان وڏي پيماني تي لاڳو ڪرڻ جي صلاحيت ذريعي نمايان قدر فراهم ڪن ٿا. هن حڪومتن، ريگيوليٽرز ۽ نجي شعبي جي ڀائيوارن وچ ۾ متوازن ۽ صحتمند سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو ۽ چيو ته مالياتي ٽيڪنالاجيز جي ارتقا سان ويزا عالمي نقطه نظر ۽ بهترين عملي تجربا شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته سياحت ۾ اضافو ۽ سرحد پار سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ سان پاڪستان ۾ عالمي ادائگين جي حل جي ڦهلاءُ کي وڌيڪ هٿي ملندي. ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته عالمي ۽ مقامي سطح تي ڊجيٽل فنانس جي مسلسل ارتقا کي نظر ۾ رکندي ويجها رابطا برقرار رکڻ نهايت اهم آهي ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته مسلسل سهڪار ايندڙ سالن ۾ عملي ۽ مارڪيٽ لاءِ تيار حل سامهون آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اوليور جينڪن پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي تسلسل لاءِ ويزا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڪمپنيءَ کي لاڳاپيل پاليسي ۽ سڌاراتي قدمن ۾ هڪ اعتماد جوڳي ڀائيوار طور شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي.











