وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان ڪئنيڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ مقرر ڪئنيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ معدنيات ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان مطابق ملاقات دوران هاءِ ڪمشنر چيو ته ريڪوڊڪ ۾ بيريڪ گولڊ جي ڪاميابي پاڪستان ۽ ڪئنيڊا وچ ۾ معدني سهڪار کي وڌيڪ …

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ مقرر ڪئنيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ معدنيات ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان مطابق ملاقات دوران هاءِ ڪمشنر چيو ته ريڪوڊڪ ۾ بيريڪ گولڊ جي ڪاميابي پاڪستان ۽ ڪئنيڊا وچ ۾ معدني سهڪار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ مضبوط مثال آهي. هن ٻُڌايو ته ڪئنيڊا پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم ۾ وڌيڪ ڪئنيڊين ڪمپنين جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ فعال طور تي ڪم ڪري رهيو آهي. بدلجندڙ عالمي منظرنامي تي روشني وجهندي هاءِ ڪمشنر چيو ته نيٽ ورڪس، گڏيل قدر ۽ گڏيل مفادن تي ٻَڌل بدلجندڙ گهڻ رُخي عالمي نظام ۾ پاڪستان سان رابطا وڌائڻ جي خواهش آهي. هن چيو ته ڪئنيڊا جي قدرتي وسيلن واري وزارت پاڪستان سان معدني شعبي ۾ سهڪار لاءِ تيار آهي. پنهنجي ذاتي تجربي جو حوالو ڏيندي هن ريڪوڊڪ سائيٽ جو دؤرو ڪيو ۽ اتي اسڪولن، اسپتالن ۽ پاڻي صاف ڪرڻ جي منصوبن سميت ڪميونٽي جي بهتريءَ جا عملي قدم ڏسي خوشي ٿي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ريڪوڊڪ عالمي مالي معاونت حاصل ڪري ورتي آهي جيڪو ڪنهن به پاڪستاني پراجيڪٽ لاءِ سڀ کان وڏو فنڊنگ رائونڊ آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان حڪومت مزدورن جي حفاظت ۽ ماحولياتي، سماجي گورننس جي معيارن جي اعليٰ ترين سطح کي يقيني بڻائيندي ۽ اهڙا منصوبا پاڪستان جي عوام جي ڊگهي مُدي واري مفاد ۾ تيار ڪيا پيا وڃن. هاءِ ڪمشنر پاڪستان کي مارچ 2026ع ۾ ڪئنيڊا ۾ منعقد ٿيندڙ پي ڊي اي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جيڪو دنيا جو نمايان معدني ڳولا ۽ کاڻيون کوٽڻ وارو ڪنوينشن آهي. هاءِ ڪمشنر ٻُڌايو ته ڪئنيڊا توانائيءَ جي شعبي ۾ فني معاونت فراهم ڪرڻ تي به ڪم ڪري رهيو آهي، ان قدم جي آجيان ڪندي وفاقي وزير چيو ته دانشمنداڻي سرمائي ۽ فني مهارت ۾ سهڪار سان پاڪستان جو نظام وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ خاص ڪري عالمي کاڻيون کوٽڻ وارين ڪمپنين وچ ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ معدنيات ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ سهڪار کي پاڪستان ۽ ڪئنيڊا جي لاڳاپن جي هڪ اهم ٿنڀ طور اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

مزید خبریں