سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير جي ڪامسيٽس يونيورسٽيءَ جي 25هين سالگره تقريبن ۾ شرڪت

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد جي 25هين سالگره تقريبن کي خطاب ڪندي اداري جي تعليمي معيار، تحقيق ۽ قومي خدمتن جي شاندار سفر تي فخر جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جو سيڪريٽري شاهد اقبال بلوچ، ريڪٽر ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد پروفيسر ڊاڪٽر راحيل قمر ۽ ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي. وفاقي …

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد جي 25هين سالگره تقريبن کي خطاب ڪندي اداري جي تعليمي معيار، تحقيق ۽ قومي خدمتن جي شاندار سفر تي فخر جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جو سيڪريٽري شاهد اقبال بلوچ، ريڪٽر ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد پروفيسر ڊاڪٽر راحيل قمر ۽ ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته 25 سال مڪمل ٿيڻ صرف هڪ وقت جو گذرڻ نه پر علم، جدت، تحقيق ۽ عالمي ڀائيواريءَ تي ٻَڌل هڪ شاندار سفر جي عڪاسي آهي. هن چيو ته ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد هڪ ويزن سان ترقي ڪندي پاڪستان جي مشهور اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شامل ٿي چڪي آهي جتي معياري تعليم، اعليٰ سطحي تحقيق ۽ مضبوط عالمي رابطن کي نمايان حيثيت حاصل آهي. هن ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر راحيل قمر جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته تعليمي معيار جي بهتري، تحقيق کي هٿي وٺرائڻ ۽ انتظامي سڌارن لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن. هن ڪامسيٽس يونيورسٽي جي فيڪلٽي کي خاص خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته استاد ڪنهن به تعليمي اداري جي اصل طاقت هوندا آهن ۽ شاگردن جي فڪري ۽ـ اخلاقي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. مستقبل جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته جديد تحقيقي رجحانن، مصنوعي ذهانت ۽ عالمي ڀائيواري يونيورسٽيءَ جي ايندڙ ترقي جي رُخ جو تعين ڪندا. هن لاڳاپيل ڌُرين تي زور ڀريو ته هو جدت ۽ تحقيقي معيار کي اختيار ڪندي مستبقل جي چئلينجز جو مقابلو ڪن ۽ ڪامسيٽس يونيورسٽي جي قيادت، فيڪلٽي آفيسر، عملي ۽ شاگردن کي ان تاريخي سنگِ ميل حاصل ڪرڻ تي دلي مبارڪ ڏني. هن ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اداري جي تعليمي ۽ تحقيقي مشن لاءِ مڪمل سهڪار جاري رکندي.

مزید خبریں