راولپنڊي - 21 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان انتهائي مشڪل معاشي حالتن، منفي پروپئگنڊه ۽ ڏيوالپڻي جي خدشن کي پٺتي ڇڏيندي ترقي، استحڪام ۽ بهتري جو صحيح رخ اختيار ڪري ورتو آهي. هن چيو ته اڄ ملڪي ڪارڪردگي، معاشي انگن اکرن ۾ بهتري ۽ وڌندڙ اعتماد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان سڌي راهه تي هلي …
پاڪستان ترقي، استحڪام ۽ بهتري جو صحيح رخ اختيار ڪري ورتو آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

مزید خبریں
راولپنڊي – 21 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان انتهائي مشڪل معاشي حالتن، منفي پروپئگنڊه ۽ ڏيوالپڻي جي خدشن کي پٺتي ڇڏيندي ترقي، استحڪام ۽ بهتري جو صحيح رخ اختيار ڪري ورتو آهي. هن چيو ته اڄ ملڪي ڪارڪردگي، معاشي انگن اکرن ۾ بهتري ۽ وڌندڙ اعتماد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان سڌي راهه تي هلي پيو آهي ۽ ايندڙ وقت وڌيڪ خوشحالي کڻي ايندو. بئريسٽر دانيال چوڌري راولپنڊي ۾ منعقد فرنيچر نمائش جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ وقت هو جڏهن اپوزيشن پاران اها دعويٰ ڪئي پئي وئي ته ملڪ 20، 24 يا 48 ڪلاڪن ۾ ڏيوالپڻو ٿي ويندو، پر اڄ اهو ئي پاڪستان معاشي بهتري ۽ استحڪام جو مثال بڻجندو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين جي ڪري مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي ۽ معيشت ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي رهي آهي. هن چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام کي خيرباد چوندو جنهن کانپوءِ ملڪي معيشت ۾ خودڪار طور تي بهتري ايندي ۽ عوام کي حقيقي ريليف ملندو. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ مهانگائي، مالي خساري ۽ ٻين معاشي چئلينجز تي ابطو آڻڻ حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته راولپنڊي سدائين پاڪستان جي معيشت ۾ مرڪزي ادا ڪيو آهي ۽ هتان جي واپاري برادري هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ملڪ جي لاءِ فرنٽ لائين جو ڪردار ادا ڪيو. هن فرنيچر مارڪيٽ کي پاڪستان جي بهترين مارڪيٽس ۾ شمار ڪندي چيو ته ان کي اڳتي ترقياتي منصوبن ۾ باقاعده شامل ڪيو ويندو جڏهن ته پارڪنگ سميت واپارين کي درپيش مسئلا گڏيل مشاورت سان حل ڪيا ويندا. هن چيو ته پاڪستان جي اصل طاقت پاڪ فوج ۽ ان جي پٺيان بيٺل قوم آهي. اسان جا جوان اڄ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن ته جيئن قوم جو سڀاڻي محفوظ ٿئي. هن چيو ته واپاري برادري، عوام ۽ سمورا ادارا پاڪ فوج سان هڪ زبان ٿي بيٺل آهن. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته موجوده عالمي نظام ۾ طاقت کي حق سمجهيو وڃي ٿو اهڙي ۾ جيڪڏهن ڪا مضبوط ديوار بڻجي پاڪستان جو دفاع ڪري رهي آهي ته اها پاڪ فوج آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان وڌيڪ مضبوط ٿيندو، معيشت مستحڪم ٿيندي ۽ عوام خوشحال ٿيندي.











