ريلوي واري وفاقي وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير جي صدارت ۾ وزير اعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس

ڪوئيٽا-21 جنوري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ وزير اعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بلوچستان حڪومت ۽ پاڪستان ريلويز وچ ۾ پيپلز ٽرين سروس سميت ٻين گڏيل ترقياتي منصوبن تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو  ته پاڪستان ريلويز جي 78 سالن …

ڪوئيٽا-21 جنوري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ وزير اعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بلوچستان حڪومت ۽ پاڪستان ريلويز وچ ۾ پيپلز ٽرين سروس سميت ٻين گڏيل ترقياتي منصوبن تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو  ته پاڪستان ريلويز جي 78 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صوبائي سطح تي ڊيووليوشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ بلوچستان عملي قيادت سنڀالي هڪ نئون مثال قائم ڪيو آهي. هن پيپلز ٽرين سروس کي وفاق ۽ صوبي وچ ۾ اعتماد ۽ سهڪار جي عمل جو حسين ميلاپ قرار ڏيندي چيو ته هي منصوبو عوام کي سستي ۽ محفوظ سفري سهولت فراهم ڪندو. وفاقي وزير حنيف عباسي ٻڌايو ته ٻين صوبن به ان ماڊل ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، تنهن هوندي به ان جو سهرو بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي موثر قيادت ڏانهن وڃي ٿو جنهن ان بابت اڳڀرائي ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير اعلان ڪيو ته پيپلز ٽرين سروس منصوبي لاءِ هڪ ارب 40 ڪروڙ روپيا هلندڙ هفتي جاري ڪيا ويندا. هن چيو ته ريلوي سسٽم جي بحالي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سرياب کان ڪچلاڪ سروس کانپوءِ ان جو دائرو مستونگ ۽ پشين تائين پکيڙيو ويندو جڏهن ته صوبائي حڪومت ريلوي اسٽيشنن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ سمورا ضروري وسيلا فراهم ڪندي. ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن ريلوي فٽ بال گرائونڊ جو دورو به ڪيو ۽ راندين جي ڍانچي جي بهتري لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں